Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 23:6 - Common Language New Testament

6 جڏھن پولس ڏٺو تہ ڪائونسل ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آھن، تڏھن ھن ڪائونسل کي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آھيان. ھتي مون تي ڪيس ھلايو وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو اھو يقين آھي تہ جيڪي مري ويا آھن سي وري جيئرا ٿي اٿندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جڏهن پولس سهي ڪيو تہ هنن ۾ ڪي صدوقي آهن، ۽ ڪي فريسي، تڏهن مجلس ۾ وڏي سڏ چيائين، تہ اي ڀائرو، آئون فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان؛ ۽ انهيءَ اُميد لاءِ تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جي اُٿندا، مون تي هي مقدمو ٿو هلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 جڏهن پولس ڏٺو تہ پئنچائت ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيوت ٿي اٿندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن پولس ڏٺو تہ ڪائونسل ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيئرا ٿي اٿندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 23:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، آءٌ اوھان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنھنڪري اوھين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي⁠ضرر ٿجو.


انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا، سي عيسيٰ وٽ آيا


يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


”آءٌ ھڪ يھودي آھيان، جو ڪلڪيا جي شھر ترسس ۾ پيدا ٿيس ۽ ھتي يروشلم ۾ وڏو ٿيس. مون گملي⁠ايل وٽان علم حاصل ڪيو. ھن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آھيو تھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھوندو ھوس.


ڪپتان جي مرضي ھئي تہ ھو ڏسي پڪ ڪري تہ يھودي پولس تي ڪھڙا الزام ھڻن ٿا. سو ھن ٻئي ڏينھن تي پولس جون ھٿڪڙيون لھرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ ھن پولس کي وٺي انھن جي اڳيان آڻي بيھاريو.


وڏو سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل ھن ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي سگھن ٿا تہ آءٌ سچ ٿو ڳالھايان. انھن ئي مون کي دمشق جي يھودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانھن روانو ٿيس تہ جيئن اتي وارن کي بہ ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“


پولس ڪائونسل ڏانھن چتائي نھاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنھنجي سڄي حياتي خدا جي حضور ۾ پوري نيڪ⁠نيتيءَ سان پئي گذاري آھي.“


سو ھاڻي اوھين ڪائونسل وارن سان گڏجي بھانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ ھو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوھان وٽ موڪلي، پوءِ ھو اوھان وٽ پھچندو ئي ڪين تہ اسان کيس ماري وجھنداسون.“


تنھن تي ھن چيو تہ ”يھودين پاڻ ۾ سازش سٽي آھي تہ اوھان کي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي ڪائونسل ۾ وٺي اچو، ڄڻ تہ ان بابت کين وڌيڪ صحيح جاچ ڪرڻي آھي.


جنھن مھل ھن اھي لفظ چيا تہ فريسي ۽ صدوقي پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا ۽ ڪائونسل ٻن حصن ۾ ورھائجي ويئي.


مون کي خدا ۾ اھڙي ئي اميد آھي جا خود انھن کي بہ آھي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.


سواءِ ھن ڏوھہ جي جو مون سندن وچ ۾ بيھي وڏي واڪي چيو تہ ’اڄ اوھين مون تي انھيءَ ڪري ڪيس ٿا ھلايو، جو مون چيو آھي تہ مئل وري جيئرا ٿي اٿندا.‘“


اھو ئي سبب ھو جو مون اوھان کي پاڻ وٽ گھرايو آھي تہ اوھان سان ملان ۽ ويھي ڳالھہ ٻولھہ ڪريان. مون کي مسيح جي خاطر زنجيرن ۾ ٻڌو اٿن، جنھن تي بني اسرائيل اميد رکن ٿا.“


انھيءَ لاءِ جو اٺين ڏينھن منھنجو طھر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل جي قوم ۽ بنيامين جي قبيلي ۾ پيدا ٿيس، آءٌ عبرانين جو پڪو عبراني ۽ شريعت جي لحاظ کان فريسي ھوس.


اوھان جي انھيءَ ايمان ۽ محبت جو مدار انھيءَ اميد تي آھي، جيڪا خدا اوھان لاءِ آسمان ۾ پوري ڪندو ۽ جنھن جو ذڪر اوھان اڳي ئي خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻڌو آھي.


اھا اميد اسان جي جان لاءِ اھڙي لنگر مثل آھي، جيڪو مضبوط ۽ قائم آھي. اھا پردي جي پٺيان اندرين ھيڪل تائين بہ وڃي پھچي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ