Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 23:12 - Common Language New Testament

12 ٻئي ڏينھن صبح جو ڪي يھودي اچي گڏ ٿيا ۽ ھڪ سازش سٽيائون. انھن قسم کڻي واعدو ڪيو تہ تيستائين ھو ڪابہ شيءِ نہ کائيندا ۽ ڪجھہ بہ نہ پيئندا، جيستائين پولس کي نہ مارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ ٻَڌي ڪئي ۽ لعنت وجهي چيائون، تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 23:12
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،


تنھن تي پطرس لعنت وجھندي چيو تہ ”خدا جو مون تي غضب پوي جيڪڏھن آءٌ سچ نہ ٿو ڳالھايان، ڇوتہ آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ انھيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني


سڀني ماڻھن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ ھن جي خون جي سزا اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ملي.“


اھي چاليھن کان بہ گھڻا ھئا جن گڏجي اھا سازش سٽي ھئي.


پوءِ اھي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آھي تہ ايستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون، جيستائين پولس کي نہ ماريون.


پر اوھين سندن چيو نہ مڃجو، ڇالاءِ⁠جو يھودين جا چاليھن کان بہ وڌيڪ ماڻھو رستي تي لڪا ويٺا آھن، جن قسم کنيو آھي تہ جيسين ھو پولس کي نہ ماريندا تيسين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو ھو ھاڻي سنبريا ويٺا آھن، رڳو تنھنجي فيصلي جو انتظار اٿن.“


جڏھن مون کي معلوم ٿيو تہ ھن ماڻھوءَ جي خلاف ھڪ سازش سٽي ويئي آھي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏھن انھن کي ھن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آھي تہ اوھان وٽ اچي چون.“


”اوھين مھرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ ڇالاءِ⁠جو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري کپائي ڇڏين.


گھڻن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ يھودين گڏجي سازش سٽي تہ شائول کي قتل ڪجي.


پر شائول کي سندن سازش جي خبر پئجي ويئي تہ اھي رات ڏينھن شھر جي دروازن تي پھرو ڏيندا رھن ٿا تہ جيئن کيس مارين.


لعنت آھي ان تي جيڪو خداوند سان پيار نہ ٿو ڪري. اي اسان جا خداوند! اچ.


آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رھيو آھيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنھنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شھر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾.


مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آھي.“


اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ