Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:8 - Common Language New Testament

8 تنھن تي مون جواب ڏنو تہ ’اي خداوند! تون ڪير آھين؟‘ ھن مون کي چيو تہ ’آءٌ عيسيٰ ناصري آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن مون جواب ڏنو، تہ اي خداوند تون ڪير آهي؟ هن مون کي چيو، تہ آئون يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 مون جواب ڏيندي چيو تہ ’اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟‘ هن مون کي چيو تہ ’آءٌ يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 مون جواب ڏيندي چيو تہ ’اي سائين! اوهين ڪير آهيو؟‘ هن مون کي چيو تہ ’آءٌ عيسيٰ ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتي ناصرت شھر ۾ رھيو. اھو ان ڪري ٿيو تہ نبين جيڪي چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”ھو ناصري سڏيو ويندو.“


بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘


تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو.


پر پطرس چيو تہ ”اي خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آھي.“


آءٌ انھيءَ دم زمين تي ڪري پيس ۽ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘


ڪنھن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو ھوس تہ مون کي عيسيٰ ناصريءَ جي خلاف گھڻو ڪجھہ ڪرڻ گھرجي.


پطرس ھن کي چيو تہ ”مون وٽ سون چاندي تہ ڪونھي، پر آءٌ تو کي اھو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آھي، تہ پوءِ اُٿ، عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي گھم ڦر.“


پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.


اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ عيسيٰ ناصري ھيڪل کي ڊاھي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آھي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“


جيئن بدن ھڪ ۽ ان جا عضوا گھڻا آھن ۽ بدن جا سڀ عضوا جيتوڻيڪ گھڻا آھن پر تڏھن بہ گڏجي ھڪڙو ئي بدن ٺاھن ٿا، تيئن مسيح بہ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ