Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:25 - Common Language New Testament

25 جڏھن اھي کيس چھبڪن ھڻڻ لاءِ ٻڌي چڪا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوھان لاءِ اھو جائز آھي جو اوھين ھڪ روميءَ کي چھبڪ ھڻايو، جيتوڻيڪ ھن جو ڪوبہ ڏوھہ نہ آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 جڏهن چم جي وڍين سان ٻَڌي رهيس، تڏهن جو صوبيدار پاسي ۾ بيٺو هوس، تنهن کي پولس چيو تہ اهو ڪو باقاعدي ڪم ٿا ڪريو ڇا، تہ جيڪو ماڻهو رومي آهي، ۽ جنهن تي ڪو ڏوهہ ثابت ڪونہ ٿيو آهي، تنهن کي چهبڪ ٿا هڻو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 جڏهن اهي کيس ٻڌي چهبڪ هڻڻ تي هئا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوهان لاءِ اهو جائز آهي جو ڏوهہ ثابت ٿيڻ کان سواءِ اوهين ڪنهن روميءَ کي چهبڪ هڻايو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 جڏهن اهي کيس ٻڌي چهبڪ هڻڻ تي هئا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوهان لاءِ اهو جائز آهي جو ڏوهہ ثابت ٿيڻ کان سواءِ اوهين ڪنهن روميءَ کي چهبڪ هڻايو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انھن ماڻھن کان ھوشيار ٿجو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪندا ۽ پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ اوھان کي چھبڪ ھڻندا.


فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا، تن جڏھن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھيءُ ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“


تڏھن فوجي صوبيدار عرض ڪيو تہ ”سائين! آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو. رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر خوش ٿي پوندو.


قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي ھڪ ماڻھو ھو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار ھو.


پر پولس سپاھين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آھيون، تن کي ھنن بنا ڪنھن ڏوھہ جي عام خلق جي اڳيان چھبڪ ھڻائي جيل ۾ وڌو آھي ۽ ھاڻي ھو چپ⁠چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائين؟ ائين ڪڏھن بہ نہ ٿيندو. ڀلي تہ اھي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاھر وٺي ھلن.“


جڏھن صوبيدار ھي ٻڌو تہ ھو سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوھين ھي ڇا ڪري رھيا آھيو؟ ھي ماڻھو تہ رومي آھي.“


تنھن تي پولس صوبيدارن مان ھڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي عرض ڪيو تہ ”ھن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آھي.“


ھن ماڻھوءَ کي يھودين پڪڙيو ھو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي ھيس جو آءٌ سپاھين کي وٺي وڃي اتي پھتس ۽ يھودين کان بچايومانس، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر پئجي ويئي تہ ھو رومي آھي.


پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام ھو مٿس ھڻن ٿا تنھن جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آھي.


جڏھن اھو فيصلو ٿيو تہ اسين سامونڊي جھاز ۾ چڙھي اِٽليءَ ڏانھن وڃون، تڏھن ھنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شھنشاھي پلٽڻ جي صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.


ٻئي ڏينھن تي اسين صيدا ۾ پھتاسين. اتي يوليس پولس تي اھا مھرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ ھو ڀلي پنھنجن دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انھن کان وٺي.


پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنھن طرح پولس کي بچائي، تنھنڪري ھنن کي انھيءَ ارادي کان روڪيائين ۽ حڪم ڏنائين تہ ”جيڪي ماڻھو تري سگھن ٿا سي پھريائين جھاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پھچن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ