Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:21 - Common Language New Testament

21 پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’ھتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي غير قومن ڏانھن پري پري موڪليندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 پوءِ پرڀو يسوع مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ خداوند عيسيٰ مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن ھنن خداوند جي عبادت پئي ڪئي ۽ روزا پئي رکيا، تڏھن پاڪ روح کين چيو تہ ”برنباس ۽ شائول کي مون لاءِ مخصوص ڪريو تہ ھو اھو ڪم ڪن جنھن لاءِ مون کين چونڊيو آھي.“


جڏھن ھو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گاريون ڏيڻ لڳا تہ ھن پنھنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين تباھہ ٿيا تہ پنھنجا ذميوار اوھين پاڻ آھيو، منھنجو ڪوبہ واسطو نہ آھي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانھن ويندس.“


خداوند ھن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ مون ھن کي پنھنجي خدمت واسطي چونڊيو آھي تہ ھو منھنجو نالو غير قومن، سندن بادشاھن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاھر ڪري.


انھيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو جو آءٌ مسيح جي خاطر رسول مقرر ٿيس، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ سڀني قومن جي ماڻھن کي ھي پيغام ڏيان تہ ھو ايمان آڻين ۽ فرمانبردار ٿين.


اي غير قومن وارؤ! ھاڻي آءٌ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ غير قومن ڏانھن رسول ڪري موڪليو ويو آھيان ۽ آءٌ پنھنجي ھن ڪم ۾ فخر محسوس ٿو ڪريان،


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


خدا پنھنجو ھي راز الھام جي ذريعي مون کي ٻڌايو، جنھن جو احوال مختصر طور اڳي ئي اوھان ڏانھن لکيو اٿم.


انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


انھيءَ خوشخبريءَ جو آءٌ منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ٿيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ