Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:18 - Common Language New Testament

18 جنھن ۾ مون خداوند کي ڏٺو، جيڪو مون کي چئي رھيو ھو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان نڪري وڃ. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو منھنجي بابت تنھنجي شاھدي قبول نہ ڪندا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ ڏٺم تہ هو چويم ٿو تہ سَگهو ٿيءُ، يروشلم مان جلد نڪري وڃ، جو هو منهنجي بابت تنهنجي شاهدي قبول ڪين ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جنهن ۾ مون پرڀو يسوع کي ڏٺو. هو مون کي چئي رهيو هو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان هڪدم نڪري وڃ، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مون بابت تنهنجي شاهدي قبول نہ ڪندا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جنهن ۾ مون خداوند عيسيٰ کي ڏٺو. هو مون کي چئي رهيو هو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان هڪدم نڪري وڃ، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مون بابت تنهنجي شاهدي قبول نہ ڪندا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:18
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو گھر يا شھر اوھان جو آڌرڀاءُ نہ ڪري يا اوھان جي ڳالھہ نہ ٻڌي، تہ پوءِ اھا جاءِ ڇڏجو ۽ پنھنجي پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو.


جڏھن اُھي اوھان کي ڪنھن شھر ۾ ستائين تہ اوھين ھڪدم ٻئي شھر ڏانھن ھليا وڃجو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين سڄي اسرائيل جي شھرن ۾ پنھنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابن⁠آدم اچي پھچندو.


پوءِ جيڪي يھوديہ ۾ ھجن، سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. جيڪي شھرن جي وچ ۾ ھجن سي ٻاھر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻھراڙيءَ ۾ ھجن سي اندر شھر ۾ نہ گھڙن.


تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،


ھو يوناني ڳالھائيندڙ يھودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو ھو، پر اھي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا ھئا.


ڇا آءٌ آزاد نہ آھيان؟ ڇا آءٌ رسول نہ آھيان؟ ڇا مون عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي جيڪو اسان جو خداوند آھي؟ ڇا خداوند جي لاءِ اوھين منھنجي خدمت جو نتيجو نہ آھيو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ