Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:12 - Common Language New Testament

12 اتي حنانياہ نالي ھڪڙو ماڻھو ھو، جيڪو دمشق جي سڀني يھودين ۾ معتبر ۽ شريعت موجب ديندار ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ حنانياہ نالي هڪڙو شخص، جو شريعت موجب ديندار هو، ۽ جيڪي يهودي اُتي رهندا هئا، تن ۾ معتبر هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اتي حننياہ نالي هڪڙو ماڻهو هو، جيڪو دمشق جي سڀني يهودين ۾ وڏي مانوارو ۽ موسيٰ جي نيم موجب ڌرمچاري هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اتي حننياہ نالي هڪڙو ماڻهو هو، جيڪو دمشق جي سڀني يهودين ۾ وڏو معتبر ۽ شريعت موجب ديندار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو،


انھن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪرنيليس اسان کي موڪليو آھي. ھو ھڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو آھي ۽ يھودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراھہ اٿس. ھن کي خدا جي ھڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آھي تہ ھو تو کي پنھنجي گھر سڏائي تنھنجي واتان تنھنجون ڳالھيون ٻڌي.“


انھن يھودين مان ڪن مڃيو ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا. خدا پرست يونانين جو ھڪ وڏو تعداد ۽ ڪيتريون ئي مکيہ عورتون بہ اچي ساڻن شامل ٿيون.


تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻھو چونڊيو، جيڪي سياڻپ ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھجن. اسين انھن کي ھن ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.


ڪن ديندار ماڻھن استيفنس کي دفنايو ۽ انھيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون.


اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بي⁠عزتي بہ. اسان جي بدنامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ نيڪنامي بہ. ڪي اسان کي ٺڳ سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ اسين سچار آھيون.


تنھن کان سواءِ جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن وٽ بہ کيس نيڪ ناموس ھئڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان ملامت ھيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


اھو انھن جو ايمان ئي ھو جو اڳئين زماني جي ماڻھن خدا جي رضا حاصل ڪئي ھئي.


دميتريس جي ھر ڪو نيڪي ڪري ٿو ۽ سندس نيڪي ڪرڻ حق بہ آھي. اسين بہ سندس شاھدي ڏيون ٿا ۽ اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسان جي شاھدي سچي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ