Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:8 - Common Language New Testament

8 ٻئي ڏينھن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پھتاسون، جتي اسين فلپس مبشر جي گھر وڃي ٽڪياسين، جيڪو انھن ستن ماڻھن مان ھڪ ھو جن کي يروشلم ۾ چونڊيو ويو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن روانا ٿي ڪري قيصريہ ۾ آياسين، ۽ فلپس مبشر جو انهن ستن مان هو، تنهن جي گهر وڃي ساڻس گڏ رهڻ لڳاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ سيوا لاءِ چونڊيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ خدمت لاءِ چونڊيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي ھڪ ماڻھو ھو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار ھو.


پولس جي رويا ڏسڻ شرط اسان ھڪدم مڪدونيا ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇالاءِ⁠جو اسان سمجھيو تہ خدا ھنن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ اسان کي گھرايو آھي.


سبت جي ڏينھن اسين شھر جي دروازي کان ٻاھر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جتي اسان سمجھيو تہ عبادت ڪرڻ جي جاءِ ھوندي. اتي جيڪي عورتون اچي گڏ ٿيون ھيون تن سان ويھي گفتگو ڪرڻ لڳاسين.


ھڪڙي ڏينھن جيئن اسين عبادت ڪرڻ واري جاءِ ڏانھن پئي وياسين تہ اسان ھڪڙي ٻانھي ڇوڪري ڏٺي جنھن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ اڳڪٿيون ڪندي ھئي ۽ ماڻھن کي سندن قسمت ٻڌائي پنھنجي مالڪن کي ڪيترائي پيسا ڪمائي ڏيندي ھئي.


جڏھن ھو قيصريہ ۾ پھتو تہ ھن يروشلم ڏانھن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيو ۽ پوءِ انتاخيا ڏانھن ھليو ويو.


جيئن تہ پولس پيرين پيادو آسس پھچڻ جو ارادو ڪيو ھو، سو اسين سندس وڃڻ کان پوءِ جھاز تي چڙھي آسس ڏانھن روانا ٿياسين، انھيءَ لاءِ تہ اتي پولس کي بہ پاڻ سان گڏ جھاز تي چاڙھيون.


اسين بي⁠خميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ سامونڊي جھاز ۾ چڙھي فلپيءَ مان روانا ٿي وياسون ۽ پنجن ڏينھن کان پوءِ انھن سان اچي تروآس ۾ ملياسين، جتي اسين ھڪ ھفتو رھياسون.


قيصريہ شھر جا ڪي شاگرد بہ اسان سان گڏ ھليا. انھن اسان کي مناسون نالي ھڪڙي شخص جي گھر آندو، جنھن وٽ اسان کي رھڻو ھو. ھو قبرص جو رھاڪو ۽ ھڪ جھونو شاگرد ھو.


پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ ⁠سؤ سپاھي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ ⁠سؤ نيزي⁠بردار تيار ڪريو تہ ھو رات جو ھڪ پھر گذرڻ کان پوءِ قيصريہ ڏانھن وڃن.“


جڏھن اھو فيصلو ٿيو تہ اسين سامونڊي جھاز ۾ چڙھي اِٽليءَ ڏانھن وڃون، تڏھن ھنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شھنشاھي پلٽڻ جي صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.


اھڙيءَ طرح ٽن مھينن کان پوءِ اسين اسڪندريہ جي ھڪڙي سامونڊي جھاز تي چڙھي روانا ٿياسين، جنھن جو نالو ”جوزا“ ھو. انھيءَ جھاز سڄو سيارو ٻيٽ ۾ گذاريو ھو.


جڏھن اسين روم ۾ پھتاسين تہ پولس کي اڪيلي رھڻ جي اجازت ملي، پر ھڪ سپاھي سندس پھري تي ھو.


رسولن جي صلاح تي سڄو ٽولو خوش ٿيو. سو انھيءَ ٽولي ھنن ماڻھن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاوء⁠س جيڪو انتاڪيا جو رھاڪو ھو ۽ اڳ غير يھودي ھو.


جڏھن ڀائرن کي اھا خبر پيئي تہ ھو شائول کي قيصريہ ۾ وٺي آيا ۽ پوءِ کيس ترسس ڏانھن موڪلي ڇڏيائون.


ھن ڪن کي رسول، ڪن کي نبي، ڪن کي خوشخبري ڏيندڙ، ڪن کي پاسبان ۽ استاد مقرر ڪري ڏنو.


پر تون ھر حالت ۾ ھوشيار رھہ، سختي سھُہ، بشارت ڏيڻ جو ڪم ڪر ۽ پنھنجي خدمت پوري ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ