Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:39 - Common Language New Testament

39 پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ يھودي آھيان، ترسس جو ويٺل آھيان، جيڪو ڪلڪيا جي علائقي جو ھڪڙو مشھور شھر آھي. منھنجو عرض آھي تہ مھرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻھن سان ڳالھايان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 پر پولس چيو تہ آئون يهودي آهيان، ترسس جو ويٺل آهيان جو ڪليڪيہ جو هڪڙو مشهور شهر آهي؛ منهنجو عرض آهي تہ مون کي ماڻهن سان ڳالهائڻ جي موڪل ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا صوبي جي مشهور شهر ترسس جو ويٺل آهيان. منهنجي وينتي آهي تہ مهرباني ڪري مون کي آگيا ڏيو تہ آءٌ ماڻهن سان ڳالهايان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا صوبي جي مشهور شهر ترسس جو ويٺل آهيان. منهنجو عرض آهي تہ مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻهن سان ڳالهايان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:39
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”آءٌ ھڪ يھودي آھيان، جو ڪلڪيا جي شھر ترسس ۾ پيدا ٿيس ۽ ھتي يروشلم ۾ وڏو ٿيس. مون گملي⁠ايل وٽان علم حاصل ڪيو. ھن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آھيو تھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھوندو ھوس.


خداوند ھن کي چيو تہ ”اٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يھوداہ جي گھر وڃي ترسس واري ماڻھوءَ جي پڇا ڪر، جنھن جو نالو شائول آھي. ھو دعا گھري رھيو ھوندو.


پر ڪن ماڻھن سندس مخالفت ڪئي، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻھن جو عبادت⁠خانو“ نالي ھڪ يھودي عبادت⁠خاني جا ميمبر ھئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا ھئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ ايشيا پرڳڻي جا ھئا.


پر مسيح کي پنھنجين دلين ۾ خداوند ڄاڻي سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻھو اوھان کان انھيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوھان کي آھي تہ کيس جواب ڏيڻ لاءِ ھميشہ تيار رھو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان.


گورنر خط پڙھيو ۽ پولس کان پڇيائين تہ ”تون ڪھڙي علائقي جو رھاڪو آھين؟“ جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ڪلڪيا جو رھاڪو آھي،


ھن ماڻھوءَ کي يھودين پڪڙيو ھو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي ھيس جو آءٌ سپاھين کي وٺي وڃي اتي پھتس ۽ يھودين کان بچايومانس، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر پئجي ويئي تہ ھو رومي آھي.


جڏھن ھو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا ھئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنھن تي ھن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟


پر پولس سپاھين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آھيون، تن کي ھنن بنا ڪنھن ڏوھہ جي عام خلق جي اڳيان چھبڪ ھڻائي جيل ۾ وڌو آھي ۽ ھاڻي ھو چپ⁠چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائين؟ ائين ڪڏھن بہ نہ ٿيندو. ڀلي تہ اھي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاھر وٺي ھلن.“


پولس شام ۽ ڪلڪيا مان ٿيندو، اتي جي ڪليسيائن کي ھمتائيندو ويو.


انھن جي ھٿان ھي خط ڏياري موڪليائون تہ ”غير قومن مان جيڪي ايمان آڻيندڙ انتاخيا، شام ۽ ڪلڪيا ۾ ٿا رھن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ بزرگن جا سلام ھجن.


جڏھن ڀائرن کي اھا خبر پيئي تہ ھو شائول کي قيصريہ ۾ وٺي آيا ۽ پوءِ کيس ترسس ڏانھن موڪلي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ