Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:34 - Common Language New Testament

34 انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪن واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالھہ. ايترو تہ گوڙ ھو جو حقيقت جي خبر ئي ڪانہ ٿي پيئي، تنھنڪري ھن حڪم ڏنو تہ کيس قلعي ۾ بند ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ گوڙ مان واڪا ڪري ڪن هڪڙي ڳالهہ پئي ڪئي، ۽ ڪن ٻي ڳالهہ، ۽ ايترو هُل هو جو خبر ڪانہ ٿي پيئي تہ حقيقت ڇا آهي. تڏهن حڪم ڏنائين تہ هن کي قلعي ۾ وٺي اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪن واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالهہ. ايترو تہ گوڙ هو جو حقيقت جي خبر ئي نہ پئي پيس. تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي هلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪن واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالهہ. ايترو تہ گوڙ هو جو حقيقت جي خبر ئي نہ پئي پيس. تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي هلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:34
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪي واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالھہ، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي اھا سڌ بہ نہ ھئي تہ ھو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن.


جڏھن ھو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا ھئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنھن تي ھن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟


تڏھن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”ھن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چھبڪ ھڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اھي ڇو ھن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“


ڪپتان جي مرضي ھئي تہ ھو ڏسي پڪ ڪري تہ يھودي پولس تي ڪھڙا الزام ھڻن ٿا. سو ھن ٻئي ڏينھن تي پولس جون ھٿڪڙيون لھرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ ھن پولس کي وٺي انھن جي اڳيان آڻي بيھاريو.


جڏھن جھيڙو وڌي ويو تڏھن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻھو پولس کي ماري ٽڪرا ٽڪرا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاھين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“


پر پولس جي ڀاڻيجي جڏھن انھيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏھن قلعي ۾ اچي پولس کي اھا ڳالھہ ٻڌايائين.


ٻئي ڏينھن تي پيادا سپاھي قلعي ڏانھن موٽي ويا ۽ گھوڙيسوارن کي اتي ڇڏيائون تہ ھو ساڻس گڏجي وڃن.


پر ھن بابت ڪابہ پڪي خبر نہ آھي، جا آءٌ شھنشاھہ ڏانھن لکي موڪليان. تنھنڪري مون ھن کي اوھان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي بادشاھہ اگرپا! اوھان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوھين ھن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ