Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:24 - Common Language New Testament

24 سو ھاڻي تون انھن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيءُ ۽ انھن جو خرچ ڀر تہ ھو پنھنجا مٿا ڪوڙائين. اھڙيءَ طرح سڀيئي ماڻھو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالھيون تو بابت ٻڌيون اٿن سي سڀ ڪوڙيون آھن، پر تون تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آھين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 اُنهن کي وٺي وڃ، ۽ پاڻ کي وڃي هنن سان گڏ پاڪ ڪر، ۽ هنن جو اُجورو ڏي تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. پوءِ سڀني کي سُڌ پوندي تہ جيڪي ڳالهيون تنهنجي نسبت ٻُڌيون اٿن، سي سچيون ناهن؛ بلڪ تون پاڻ بہ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ پوريءَ طرح هلين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پوِتر ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ نيم تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:24
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يھودي قوم جي عيد فصح ويجھي ھئي، سو ڪيترائي ماڻھو ٻھراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا ھئا تہ جيئن ھو عيد فصح کان اڳ پاڻ کي پاڪ ڪن.


يحيٰ جي ڪن شاگردن جو ھڪ يھودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسم بابت بحث ٿيو.


پولس ڪرنٿس ۾ ڪيترا ئي ڏينھن رھيو. پوءِ ڀائرن کان موڪلائي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام ڏانھن روانو ٿيو. سفر کان اڳ ۾ ڪنخريا ۾ ھن پنھنجو مٿو ڪوڙائي ھڪ باس باسي.


ٻئي ڏينھن تي پولس انھن چئن ماڻھن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انھن سان گڏ پاڪ ٿي ھيڪل ۾ آيو ۽ اچي ٻڌايائين تہ ھو پاڪ ٿيڻ جا ھيترا ڏينھن پورا ڪندا. انھيءَ کان پوءِ انھن مان ھر ھڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.


جڏھن مون ائين پئي ڪيو ۽ ھيڪل ۾ پاڪائيءَ سان ھوس، تڏھن ھنن مون کي اتي ڪو فساد يا جھيڙو ڪندي نہ ڏٺو.


يھودين لاءِ آءٌ يھودين جھڙو بڻيس تہ جيئن يھودين کي ھٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين ھوس.


ڇالاءِ⁠جو يعقوب وٽان ڪن ماڻھن جي اچڻ کان اڳي پطرس غير يھودين سان کائيندو ھو. پر جڏھن اھي آيا تڏھن ھن غير يھودين سان کائڻ ڇڏي ڏنو، بلڪ انھن کان ڌار ٿي ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھن ماڻھن کان ڊڄندو ھو جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪندا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ