Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:18 - Common Language New Testament

18 ٻئي ڏينھن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ ھليو جتي ڪليسيا جا سڀيئي بزرگ بہ ويٺا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ ٻئي ڏينهن پولس اسان سان گڏجي يعقوب وٽ هليو ۽ سڀ بزرگ بہ اُتي ويٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي وشواسي منڊليءَ جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي ڪليسيا جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ٻارھن رسولن جا نالا ھي آھن: پھريون شمعون جنھن کي پطرس ڪري سڏيندا آھن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا،


سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.


پر ھن ماٺ ڪرڻ لاءِ کين ھٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انھن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. تڏھن کين چيائين تہ ”ھن ڳالھہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي بہ خبر ڏجو.“ پوءِ ھو اتان نڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ھليو ويو.


جڏھن ھنن ڳالھائي بس ڪئي تڏھن يعقوب ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! منھنجي بہ ڳالھہ ٻڌو.


پولس ۽ برنباس سان ھنن سخت بحث مباحثو ڪيو. سو اھو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻھو ھن معاملي بابت يروشلم ڏانھن رسولن ۽ بزرگن وٽ وڃن.


انھن جي ھٿان ھي خط ڏياري موڪليائون تہ ”غير قومن مان جيڪي ايمان آڻيندڙ انتاخيا، شام ۽ ڪلڪيا ۾ ٿا رھن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ بزرگن جا سلام ھجن.


رسول ۽ بزرگ گڏجي ھن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.


پولس مليتس مان اِفسس ڏانھن نياپو موڪليو تہ ڪليسيا جا بزرگ اچي ساڻس ملن.


اوھين معلوم ڪري سگھو ٿا تہ ٻارھن ڏينھن بہ مس گذريا ھوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھوس.


پر ٻين رسولن مان خداوند جي ڀاءُ يعقوب کان سواءِ مون ڪنھن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.


ھي خط يعقوب جي طرفان آھي، جيڪو خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو ٻانھو آھي. آءٌ انھن خدا جي چونڊيل ماڻھن کي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آھن سلام ٿو چوان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ