Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:25 - Common Language New Testament

25 ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ اوھين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪئي آھي، تن مان ڪوبہ وري منھنجو منھن ڪين ڏسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 هاڻي ڏسو، مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ، جن ۾ آئون بادشاهت جي منادي ڪندو گهُمندو هوس، وري منهنجو منهن ڪين ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 هاڻي مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ جن ۾ مون ايشور جي راڄ جو پرچار ڪيو آهي، تن مان ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 هاڻي مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪئي آهي، تن مان ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتان جتان لنگھو تہ اھو اعلان ڪندا وڃجو تہ ’آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.‘


اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.


تنھن تي ھن چين تہ ”جيڪوبہ شريعت جو عالم آسمان واري بادشاھت جو شاگرد ٿئي ٿو تہ اھو اُن گھر جي مالڪ وانگر آھي جيڪو پنھنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“


سو انھيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنھنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“


عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


”موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جا صحيفا، يحيٰ جي وقت تائين ڪارآمد ھئا. تنھن وقت کان وٺي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي پئي ٿي ۽ ھر ڪو زور ڪري پيو اندر گھڙي.


تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻھن کي خدا جي بادشاھت جي خبر ٻڌاءِ.“


ھنن کي سڀ کان وڌيڪ ڏک ان ڳالھہ جو ٿيو جو ھن چيو تہ ”اوھين منھنجو منھن وري ڪين ڏسندا.“ پوءِ ھو پولس سان گڏجي سامونڊي جھاز تائين آيا.


ھو ڪنھن بہ رنڊڪ کان سواءِ ڏاڍيءَ ھمت سان خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪندو ھو ۽ خداوند عيسيٰ مسيح بابت تعليم ڏيندو ھو.


پر جڏھن فلپس خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي جي منادي ڪئي تہ انھن مردن ۽ عورتن ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


پر ھاڻي ھنن علائقن ۾ رھڻ لاءِ منھنجي ڪابہ ضرورت ڪانہ رھي آھي ۽ ڪيترن ئي ورھين کان سڪ اٿم تہ اوھان ڏانھن اچان.


ان وقت يھوديہ جي علائقن ۾ جيڪي مسيحي ڪليسيائون ھيون، تن منھنجي شڪل بہ نہ ڏٺي ھئي.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي خبر پوي تہ اوھان لاءِ، لوديڪيا ۾ رھندڙن لاءِ ۽ انھن سڀني لاءِ جن ذاتي طور منھنجو منھن نہ ڏٺو آھي، آءٌ ڪيتري قدر سخت محنت ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ