Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:20 - Common Language New Testament

20 اوھان کي سڌ آھي تہ مون اوھان جي فائدي جي ڪابہ ڳالھہ اوھان کان ڳجھي نہ رکي آھي. مون اوھان کي کُلي⁠عام ۽ گھر گھر ۾ تعليم ڏني آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ ڪهڙيءَ طرح جيڪي ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون، سي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس، ۽ اوهان کي جماعت ۾ توڙي گهر گهر تعليم ڏيندو رهيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اوهين ڄاڻو ٿا تہ جيڪي بہ ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون تن کي بيان ڪرڻ توڙي کُلي‌عام ۽ گھر گھر سکيا ڏيڻ ۾ مون ڪڏهن نہ ڪيٻايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اوهين ڄاڻو ٿا تہ جيڪي بہ ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون تن کي بيان ڪرڻ توڙي کُلي‌عام ۽ گھر گھر تعليم ڏيڻ ۾ مون ڪڏهن نہ ڪيٻايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:20
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو مثالن کان سواءِ انھن سان نہ ڳالھائيندو ھو، پر جڏھن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ ھوندو ھو تہ کين سڀني ڳالھين جو مطلب سمجھائيندو ھو.


اھي ھر روز ھيڪل ۾ گڏ ٿيندا ھئا ۽ پنھنجن گھرن ۾ خوشي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏجي ماني کائيندا ھئا.


ڇالاءِ⁠جو مون خدا جو مقصد پوريءَ طرح اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ذري جي بہ ڪسر نہ ڇڏي اٿم.


تنھنڪري اوھين سجاڳ رھجو ۽ ياد رکجو تہ پورا ٽي سال مون رات ڏينھن ڳوڙھا ڳاڙي ھر ھڪ کي سمجھايو آھي.


پر حنانياہ ڪجھہ پيسا پنھنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنھن جي سندس زال کي بہ خبر ھئي. باقي پيسا کڻي ھن رسولن جي اڳيان آڻي رکيا.


اھي روزانو ھيڪل ۾ ۽ ماڻھن جي گھرن ۾ تعليم ڏيندا ۽ ھن خوشخبريءَ جي تبليغ ڪندا رھيا تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.


پر ھر ھڪ ماڻھوءَ مان پاڪ روح جو ظھور آھي، تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن آءٌ اوھان وٽ اچان ۽ عجيب ٻوليون ڳالھايان تہ اوھان کي ڪھڙو فائدو پھچائيندس، جيستائين آءٌ اوھان سان ڪنھن مڪاشفي، يا علم، يا خدا جي ڪلام، يا تعليم جي وسيلي نہ ڳالھايان.


جيڪي مون کي مليو تنھن کي سڀ کان اھم سمجھي اوھان تائين پھچايم، تہ پاڪ لکتن موجب مسيح اسان جي گناھن جي واسطي مئو.


آخر ۾، اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين خوش رھو. ساڳيون ڳالھيون اوھان ڏانھن وري لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو انھيءَ ۾ اوھان جي لاءِ سلامتي آھي.


اسين ھن جي ئي منادي ٿا ڪريون ۽ پوريءَ ڏاھپ سان ھر ڪنھن کي نصيحت ڪريون ۽ سيکاريون ٿا، تہ جيئن ھرھڪ کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ڪامل بڻائي پيش ڪريون.


ڪلام جي تبليغ ڪر ۽ وقت بي⁠وقت انھيءَ جي لاءِ تيار رھہ. پوري صبر ۽ سکيا سان ماڻھن کي سمجھاءِ، ملامت ڪر ۽ کين نصيحت ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ