Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:2 - Common Language New Testament

2 ھو انھن سڀني علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻھن کي نصيحتون ڪندو يونان ڏانھن ھليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جڏهن اهي پاسا گهُمي رهيو، ۽ گهڻيئي نصيحتون ڪري رهيو، تڏهن يونان ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يحيٰ ماڻھن کي ٻيون بہ ڪيتريون ئي ھدايتون ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندو رھيو.


انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“


پولس شام ۽ ڪلڪيا مان ٿيندو، اتي جي ڪليسيائن کي ھمتائيندو ويو.


اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين.


ھاڻي ھو امفپلس ۽ اپلونيا مان لنگھي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يھودي عبادت⁠خانو ھو.


پر ڀائرن پولس ۽ سيلاس کي راتوواھہ بيريا ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتا تہ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا.


پطرس انھن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي ھن بڇڙي زماني کان بچايو.“


ھنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني شاگردن کي گڏ ڪيو ۽ کين نصيحت ڪرڻ کان پوءِ کانئن موڪلايائين. پوءِ ھو اتان روانو ٿي مڪدونيا ڏانھن ھليو ويو.


پوءِ ھو موٽي مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ ماني کاڌائين. گھڻي وقت تائين انھن سان ڳالھائڻ کان پوءِ سج اڀرئي مھل پولس روانو ٿي ويو.


اتي ھو ٽي مھينا ترسيو. پوءِ ھو شام ڏانھن سامونڊي جھاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار ھو تہ کيس خبر پئجي ويئي تہ ڪي يھودي سندس خلاف سازش سٽي رھيا آھن. سو ھن مڪدونيا مان ٿي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.


پر جي خداوند گھريو تہ آءٌ جلدي اوھان وٽ ايندس ۽ جيڪي ٻٽاڪي آھن، تن جي ڳالھين جي نہ، پر سندن طاقت جي خبر لھندس.


اسين ھن جي ئي منادي ٿا ڪريون ۽ پوريءَ ڏاھپ سان ھر ڪنھن کي نصيحت ڪريون ۽ سيکاريون ٿا، تہ جيئن ھرھڪ کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ڪامل بڻائي پيش ڪريون.


ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ جھڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنھنجي ٻار سان ھلندو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ اوھان مان ھر ھڪ سان ھلياسين.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي نصيحت گمراھہ ڪندڙ ناھي، نڪي ناپاڪيءَ يا ٺڳيءَ واري آھي.


مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ