Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:17 - Common Language New Testament

17 پولس مليتس مان اِفسس ڏانھن نياپو موڪليو تہ ڪليسيا جا بزرگ اچي ساڻس ملن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ مليتس مان افسس ڏانهن ماڻهو موڪلي ڪليسيا جي بزرگن کي پاڻ وٽ گهرايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي وشواسي منڊليءَ جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي ڪليسيا جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.


ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو.


انھن جي ھٿان ھي خط ڏياري موڪليائون تہ ”غير قومن مان جيڪي ايمان آڻيندڙ انتاخيا، شام ۽ ڪلڪيا ۾ ٿا رھن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ بزرگن جا سلام ھجن.


جڏھن ھو يروشلم ۾ پھتا تہ ڪليسيا جي ماڻھن، رسولن ۽ بزرگن سندن استقبال ڪيو ۽ جيڪي خدا ھنن جي وسيلي ڪيو ھو سو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائون.


رسول ۽ بزرگ گڏجي ھن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.


ھو جن جن شھرن مان لنگھندا ويا، تن ۾ اھي حڪم ٻڌائيندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا ويا، جيڪي يروشلم ۾ رسولن ۽ بزرگن ڏنا ھئا.


جڏھن اھي اِفسس ۾ پھتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوئي پاڻ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويو جتي يھودين سان بحث ڪرڻ لڳو.


ان کان پوءِ اسين ٻئي ڏينھن تي خيوس ۾ پھتاسين ۽ وري ٽئين ڏينھن تي سامس ۾ پھتاسين، جتان وري چوٿين ڏينھن تي مليتس ۾ آياسين.


اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.


جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن.


مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين.


ڇا اوھان مان ڪو بيمار آھي؟ اھو ڪليسيا جي بزرگن کي گھرائي ۽ اھي بزرگ خداوند جي نالي ۾ انھيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي مٿس دعا گھرن.


اوھان ۾ جيڪي بزرگ آھن تن کي آءٌ، جيڪو انھن بزرگن مان ھڪڙو مسيح جي ڏکن جو شاھد ۽ سندس جيڪو جلال ظاھر ٿيڻ وارو آھي، تنھن ۾ پڻ شريڪ آھيان ، سو نصيحت ٿو ڪريان تہ


ھن بزرگ جي طرفان تو خدا جي چونڊيل شريف عورت ۽ تنھنجي ٻارن ڏانھن سلام، جن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان. نہ رڳو آءٌ پر اُھي سڀيئي جيڪي سچ کي سڃاڻن ٿا، سي بہ اوھان سان پيار ڪن ٿا،


مون بزرگ جي طرفان گايس ڏانھن، جنھن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ