Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:41 - Common Language New Testament

41 انھن مان ڪيترن ئي ھن جي پيغام کي قبول ڪيو ۽ بپتسما ورتائون. انھيءَ ڏينھن اٽڪل ٽي ھزار ماڻھو ھنن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 انهيءَ ڏينهن جن پطرس جي سنديش کي قبول ڪيو، سي بپتسما وٺي وشواسين ۾ شامل ٿي ويا. اهي اٽڪل ٽي هزار ماڻهو هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 انهيءَ ڏينهن جن پطرس جي پيغام کي قبول ڪيو، سي بپتسما وٺي ايمان وارن ۾ شامل ٿي ويا. اهي اٽڪل ٽي هزار ماڻهو هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:41
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان آڻيندو سو بہ اھڙا ئي ڪم ڪندو جھڙا آءٌ ڪري رھيو آھيان، بلڪ انھن کان بہ وڏا ڪم ڪندو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ وڃي پيءُ وٽ ئي رھندس.


تنھن تي شمعون پطرس ٻيڙيءَ تي چڙھي ويو ۽ اھو ڄار سڪيءَ تي گھلي آيو، جيڪو وڏين مڇين سان ڀريل ھو. ڄار ۾ ڪل ھڪ ⁠سؤ ٽيونجاھہ مڇيون ھيون. جيتوڻيڪ ايتريون مڇيون ھيون تہ بہ ڄار نہ ٿي ٽٽو.


ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


جڏھن غير قومن اھا ڳالھہ ٻڌي، تڏھن ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي ڪلام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تن سڀني ايمان آندو.


جڏھن ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھا ڳالھہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چيائون تہ ”ڀائرؤ! اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟“


ھو خدا جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھين. سو خدا سندن ٽولي ۾ روزانو انھن کي شامل ڪندو رھندو ھو جن کي ڇوٽڪارو ملندو ھو.


جھاز تي اسين مڙيئي ٻہ سو ڇاھتر ماڻھو سوار ھئاسين.


جيڪو بہ انھيءَ نبيءَ جون ڳالھيون نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘


تنھن ھوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. اھڙيءَ طرح ايمان آڻيندڙن جي جماعت جو تعداد اٽڪل پنج ھزار ٿي ويو.


تنھنڪري يوسف پنھنجي پيءُ يعقوب ۽ پنھنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اھي جملي پنجھتر ڄڻا ھئا.


ھر ڪنھن شخص کي ملڪ جي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ حڪومت ڪانھي جا خدا جي طرفان نہ ھجي. جيڪي ⁠بہ حڪومتون آھن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آھن.


اوھين اسان وانگر ھليا ۽ خداوند جا پيروي ڪندڙ ٿي ويا، ڇوتہ گھڻي مصيبت جي ھوندي بہ اوھان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو.


ھي اھي ھئا جن اڳي نافرماني ڪئي ھئي. ان وقت نوح جي زماني ۾ خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پر انھيءَ ۾ رڳو ٿورا ماڻھو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ منجھان بچي ويا.


پوءِ ٻئي ملائڪ پنھنجو پيالو سمنڊ جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جو پاڻي مئل ماڻھوءَ جي رت جھڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساھوارا مري ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ