Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:3 - Common Language New Testament

3 انھن کي باھہ جھڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي ھر ھڪ تي اچي ويٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هنن کي باهہ جهڙيون ڄڀون ڌار ڌار ٿينديون ڏسڻ ۾ آيون؛ ۽ انهن مان هرهڪ تي هڪڙي ڄڀ اچي ويٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوھان گناھن کان توبھہ ڪئي آھي، پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. ھو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي، آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آھيان.


تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في⁠الحال تہ منھنجي مڃ، ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪئي.


اھي ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ ھو تہ جنھن مھل رستي تي ھو اسان سان ڳالھائي پيو ۽ پاڪ لکتون سمجھائي پيو، تڏھن ڄڻ تہ اسان جي اندر ۾ نور پيو ٻري؟“


ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


جيڪي ڄائي ڄم جا يھودي توڙي نوان يھودي ٿيل آھن ۽ اسان مان ڪي ڪريتي ۽ عرب آھن تہ بہ اسين انھن کي پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“


اوچتو ئي آسمان مان ھڪ آواز آيو ۽ اھو آواز تيز ھوا جي گھوگھٽ جھڙو ھو، جنھن سان اھا سڄي جاءِ جنھن ۾ ھو ويٺا ھئا ڀرجي ويئي.


اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.


پاڪ روح ڪنھن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي پيغام ٻڌائڻ جي نعمت بخشي ٿو. ڪنھن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائڻ جي لياقت ڏئي ٿو ۽ ڪنھن کي انھن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.


زبان حقيقت ۾ ھڪ باھہ آھي. اھا اسان جي عضون منجھہ بڇڙائيءَ جو ھڪ جھان آھي. زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي ساري چرخي کي باھہ ٿي لڳائي، ڇالاءِ⁠جو کيس ئي دوزخ کان باھہ ٿي لڳي.


آءٌ پنھنجي ٻن شاھدن کي اختيار ڏيندس ۽ اھي کٿو ڍڪي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين پيشنگوئي ڪندا.“


تنھن کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اڏامندي ڏٺو، جنھن وٽ زمين جي رھاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين ۽ اُمتن کي ٻڌائڻ لاءِ ھميشہ جي خوشخبري ھئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ