Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:27 - Common Language New Testament

27 ڇالاءِ⁠جو تون منھنجي روح کي عالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنھنجي پاڪ ٻانھي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ڇالاءِ جو تون منهنجي جان کي عالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي مقدس کي سڙڻ ڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 يقين اٿم تہ تون منهنجي آتما کي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي پوِتر داس کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 يقين اٿم تہ تون منهنجي روح کي مئلن جي دنيا ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي پاڪ ٻانهي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:27
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ بلڪل نہ، پر اٽلندو تون پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن سدوم شھر ۾ ڪيا وڃن ھا تہ اھو جيڪر اڄ ڏينھن تائين قائم ھجي ھا.


”اي عيسيٰ ناصري! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون خدا جي ھڪ ئي پاڪ ھستي آھين.“


ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تو مٿان ڇانوَ ڪندي، انھيءَ ڪري تہ پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.


ھو دوزخ جي عذابن ۾ مبتلا ھو تہ اکيون کڻي مٿي نھاريائين تہ پريان ابراھيم جي ڀر ۾ لعزر نظر آيس.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون ئي خدا جي ھڪ پاڪ ھستي آھين.“


عيسيٰ چيو تہ ”ھن پٿر کي پري ھٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي خداوند! اندر تہ بانس ھوندي، ڇالاءِ⁠جو ھن کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري ويا آھن.“


تنھنڪري منھنجي دل خوش آھي ۽ منھنجي زبان خوشيءَ سان ڳالھائي ٿي. بلڪ منھنجو جسم بہ اميد ۾ رھندو.


تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون، ۽ تون مون کي پنھنجو ديدار ڪرائي خوشيءَ سان ٽمٽار ڪندين.‘


دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنھنڪري ھن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت پيشنگوئي ڪندي ھيئن چيو تہ ’نڪي ھو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم ڳري سڙي ويندو.‘


ھو پاڪ ۽ سچار ھو، پر اوھان کيس رد ڪري ھڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيو.


سچ⁠پچ تہ ھن شھر ۾ تنھنجو پاڪ ٻانھو عيسيٰ جنھن کي تو مسيح مقرر ڪيو، تنھن جي خلاف گليل جو حاڪم ھيروديس ۽ پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻھن سميت اچي گڏ ٿيا.


ھڪدم، اک ڇنڀ ۾، آخري صور جي ڦوڪڻ سان ئي. اھا صور ڦوڪي ويندي، مئل غير فاني حالت ۾ اٿاريا ويندا ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.


اي موت! ڪٿي آھي تنھنجي فتح؟ اي موت! ڪٿي آھي تنھنجو ڏنگ؟“


اوھان ۾ پاڪ روح وڌو ويو آھي، تنھنڪري اوھان سڀني کي سچائيءَ جي خبر آھي.


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


جيڪي بہ مُڙدا سمنڊ، موت ۽ عالم ارواح ۾ ھئا سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ ھر ھڪ جو انصاف انھيءَ جي عملن مطابق ڪيو ويو.


”فلدلفيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو پاڪ ۽ سچو آھي، جنھن وٽ دائود جي ڪنجي آھي، جنھن جي کوليل کي ڪو بند نہ ڪندو ۽ جنھن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ