Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:34 - Common Language New Testament

34 پر جڏھن انھن سڃاتو تہ ھي يھودي آھي تہ سڀني گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳئي قسم جون رڙيون ڪيون تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 پر جڏهن ڏٺائون تہ هي يهودي آهي، تڏهن سڀني گڏجي ٻن ڪلاڪن تائين وڏي سڏ پڪاري پئي چيو، تہ ”افسين جي ديوي ارتمس جي جئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس عظيم آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:34
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين پنھنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آھن، ڇوتہ ھو سمجھن ٿا تہ انھن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو.


کين عملدارن وٽ آڻي مٿن شاھدي ڏنائون تہ ”سائين! ھي ماڻھو جيڪي يھودي آھن، تن اسان جي شھر ۾ کڻي گوڙ مچايو آھي،


دميتريس نالي ھڪڙو سونارو ارتميس ديويءَ جا ننڍڙا چانديءَ جا مندر ٺاھيندو ھو. ھن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو ھوندو ھو.


اوھين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾ پر سڄي ايشيا پرڳڻي ۾ ھن شخص پولس گھڻن ماڻھن کي ورغلائي گمراھہ ڪري ڇڏيو آھي. ھو چئي رھيو آھي تہ ’ماڻھن جا ٺاھيل ھي بت خدا ھرگز نہ آھن.‘


ھنن لفظن ٻڌڻ سان ماڻھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“


آخرڪار ماڻھن مان ڪن جو ھي خيال ھو تہ سڪندر ئي ذميوار آھي، ڇالاءِ⁠جو يھودين کيس اڳ ۾ ڪيو ھو. پوءِ سڪندر ھٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻھن اڳيان پنھنجي بچاءَ ۾ ڪا تقرير ڪري.


آخرڪار شھر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسسيو! اوھان مان ھر ھڪ کي خبر آھي تہ اِفسس جو شھر مھاديوي ارتميس جي مندر جو رکوالو آھي ۽ آسمان مان ان جو پاڪ پٿر بہ ھتي نازل ٿيو آھي.


تون چوين ٿو تہ ”زنا نہ ڪر.“ پر تون پاڻ زنا ڇو ٿو ڪرين؟ تون بتن کان تہ نفرت ڪرين ٿو، پر تون خدا جي بي⁠حرمتي ڇو ٿو ڪرين؟


ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ