Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:32 - Common Language New Testament

32 انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪي واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالھہ، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي اھا سڌ بہ نہ ھئي تہ ھو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 سو ڪن واڪا ڪري هڪڙي ڳالهہ پي ڪئي، ڪن ٻي؛ ڇالاءِ جو جيڪي اچي گڏ ٿيا هئا، تن ۾ گڙٻڙ پئجي ويئي، ۽ منجهانئن گهڻن کي تہ اها بہ خبر ڪانہ هئي تہ هتي ڇو اچي گڏ ٿيا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪي واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالهہ. گھڻن کي تہ اها بہ سڌ نہ هئي تہ هو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪي واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالهہ. گھڻن کي تہ اها بہ خبر نہ هئي تہ هو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:32
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڄي شھر ۾ ھُل مچي ويو. گايس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدونيا جا رھاڪو ھئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، تن کي ماڻھن جي ھڪ ميڙ يڪ⁠مشت ٿي پڪڙي تماشگاھہ ۾ آندو.


ايشيا پرڳڻي جي وڏن عملدارن مان ڪن جيڪي سندس خيرخواھہ ھئا، تن چوائي موڪليس ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”متان تماشگاھہ ۾ وڃي پنھنجي جان جوکي ۾ وجھو.“


اڄ شھر ۾ جيڪو ھنگامو ٿيو آھي، انديشو آھي تہ انھيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ ھن ھنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انھيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“


انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪن واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالھہ. ايترو تہ گوڙ ھو جو حقيقت جي خبر ئي ڪانہ ٿي پيئي، تنھنڪري ھن حڪم ڏنو تہ کيس قلعي ۾ بند ڪيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ