Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:29 - Common Language New Testament

29 سڄي شھر ۾ ھُل مچي ويو. گايس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدونيا جا رھاڪو ھئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، تن کي ماڻھن جي ھڪ ميڙ يڪ⁠مشت ٿي پڪڙي تماشگاھہ ۾ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو ۽ هو سڀ گڏجي گيوس ۽ ارسترخس، جي مڪدونيہ جا ماڻهو هئا، ۽ سفر ۾ پولس جا ساٿي هئا، تن کي پڪڙي تماشگاهہ ۾ وٺي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 سڄي شهر ۾ هُل مچي ويو. گيُس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدُنيا جا رهاڪو هئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا، تن کي ماڻهن جي هڪ ميڙ گڏجي پڪڙي تماشہ‌گاهہ ۾ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 سڄي شهر ۾ هُل مچي ويو. گيُس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدُنيا جا رهاڪو هئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا، تن کي ماڻهن جي هڪ ميڙ گڏجي پڪڙي تماشہ‌گاهہ ۾ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:29
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن ھو سلميس ۾ پھتا، تڏھن يھودين جي عبادت⁠خانن ۾ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ يوحنا عرف مرقس ھن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.


اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين.


اتي رات جو پولس ھڪڙي رويا ڏٺي تہ مڪدونيا جو ھڪڙو ماڻھو بيھي منٿ ڪري چوي پيو تہ ”سائين! مڪدونيا ۾ اچي اسان جي مدد ڪريو.“


جڏھن ماڻھن ۽ شھر جي عملدارن اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ ڏاڍا پريشان ٿيا.


ھنن ڳالھين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ ھو يونان جي پرڳڻن مڪدونيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. ھن وڌيڪ ھي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ وڃڻ گھرجي.“


سو ھن پنھنجن مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيا ڏانھن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وقت ايشيا پرڳڻي جي علائقي ۾ رھي پيو.


انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪي واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالھہ، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي اھا سڌ بہ نہ ھئي تہ ھو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن.


اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ مون پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪري پنھنجون ۽ پنھنجن سنگتين جون گھرجون پوريون ڪيون آھن.


بيريا واري پورس جو پٽ سوپترس، ٿسلونيڪيءَ وارن مان ارسترخس ۽ سڪندس، دربيءَ وارو گايس، ايشيا پرڳڻي وارا تُخِڪُس ۽ تروفيمس ۽ تيمٿيس پڻ ايشيا پرڳڻي تائين ساڻس گڏجي ويا.


سو سڄي شھر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻھو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي ھيڪل مان گھلي ٻاھر ڪڍيائونس ۽ پوءِ ھڪدم در بند ٿي ويا.


تون اھو مصري نہ آھين ڇا جيڪو ڪي ڏينھن اڳ بغاوت ڪري چار ھزار ھٿياربند وٺي جھنگ ڏانھن ھليو ويو ھئين؟“


اسين ادرموتيم جي جھاز ۾ چڙھي روانا ٿياسين، جو ايشيا پرڳڻي جي ڪناري وارن شھرن ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار بيٺو ھو. ارسترخس نالي ھڪڙو مڪدوني، جيڪو ٿسلونيڪيءَ جو رھاڪو ھو سو بہ اسان سان گڏ ھو.


منھنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مھماندار گيُس بہ اوھان کي سلام ٿو چوي. شھر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو ڀاءُ ڪوارتس بہ اوھان کي سلام چئي رھيا آھن.


آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوھان مان سواءِ ڪرسپس ۽ گيُس جي ٻئي ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ڏني آھي.


منھنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان ھيٺاھون ڪري انھن ماڻھن وانگر پيش ڪيو آھي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو ھجي. اسين جھان، فرشتن ۽ ماڻھن لاءِ ھڪ تماشو بڻايا ويا آھيون.


نہ رڳو ايترو پر ڪليسيائن ھن نذراني کي پھچائڻ جي لاءِ کيس اسان سان گڏ سفر ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو ھو. اسين ھيءَ خدمت انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انھيءَ منجھان اسان جو شوق ظاھر ٿئي ۽ خدا جي واکاڻ ٿئي.


ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آھي، اوھان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سوٽ آھي اوھان کي سلام چوي ٿو. ھن بابت اوھان کي ھدايتون ٿيل آھن تہ جيڪڏھن ھو اوھان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.


مون بزرگ جي طرفان گايس ڏانھن، جنھن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ