Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:26 - Common Language New Testament

26 اوھين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾ پر سڄي ايشيا پرڳڻي ۾ ھن شخص پولس گھڻن ماڻھن کي ورغلائي گمراھہ ڪري ڇڏيو آھي. ھو چئي رھيو آھي تہ ’ماڻھن جا ٺاھيل ھي بت خدا ھرگز نہ آھن.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ اوهين ڏسو توڙي ٻُڌو ٿا تہ نہ رڳو افسس ۾، پر ساري آسيہ ۾، هن پولس گهڻن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سيکاريو آهي جو هو ڦري ويا آهن؛ هو چوي ٿو تہ هي جي هٿ جا ٺهيل آهن، سي ديوتا نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي ڀَٽڪائي ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت ايشور هرگز نہ آهن.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت خدا هرگز نہ آهن.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:26
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي انسانو! اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوھان جھڙا فاني انسان آھيون. اسين تہ اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آھيون تہ اوھين ھنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انھيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجھن آھي سو پيدا ڪيو آھي.


جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آھيون، تنھنڪري اسان کي ائين نہ سمجھڻ گھرجي تہ ھن جي ذات ڪنھن سون، چانديءَ يا پٿر جي بت وانگر آھي، جيڪو انساني ھنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاھيو ويو ھجي.


جڏھن اھي اِفسس ۾ پھتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوئي پاڻ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويو جتي يھودين سان بحث ڪرڻ لڳو.


اپلوس اڃا ڪرنٿس ۾ ئي ھو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پھتو ۽ اتي ڪن شاگردن سان مليو.


اھو سلسلو ٻن سالن تائين ھليو ۽ جيڪي ايشيا پرڳڻي جي علائقي جا يھودي ۽ غير قوم وارا ھئا تن سڀني خداوند جو ڪلام پئي ٻڌو.


سو ھن انھن ڪاريگرن ۽ اھڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوھين ڄاڻو ٿا تہ ھن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رھيو آھي.


اوھان کي خبر آھي تہ جڏھن اوھين ڪفر ۾ ھئا، تڏھن اوھان کي ڪنھن نہ ڪنھن نموني گمراھہ ڪري گونگن بتن ڏانھن نيو ويندو ھو.


تہ پوءِ بتن تي نذر ڪيل کاڌي بابت اسان کي خبر آھي تہ دنيا ۾ بتن جي ڪابہ حقيقت ناھي ۽ ھڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪينھي.


بيشڪ اڳئين زماني ۾ خدا جي ڄاڻ نہ ھوندي اوھين انھن شين جي غلاميءَ ۾ ھئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آھن.


ڇالاءِ⁠جو اھي ماڻھو پاڻ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اھي ٻڌائين ٿا تہ ڪيئن اوھان بتن کي ڇڏي خدا ڏانھن ڦريا، تہ جيئن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو


جيڪي ماڻھو باقي بچيا جن کي انھن آفتن نہ ماريو، تن نہ توبھہ ڪئي ۽ نڪي ھنن پنھنجن بڻايل بتن کي ڇڏيو. اُھي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺھيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيتوڻيڪ اھڙيون شيون نہ ڏسي سگھن ٿيون، نہ ٻڌي سگھن ٿيون ۽ نڪي گھمي ڦري سگھن ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ