Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:21 - Common Language New Testament

21 ھنن ڳالھين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ ھو يونان جي پرڳڻن مڪدونيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. ھن وڌيڪ ھي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ وڃڻ گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 هاڻي جڏهن هي ڳالهيون ٿي رهيون، تڏهن پولس دل ۾ ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ ۽ اخيہ مان ٿي يروشلم ۾ ويندس، ۽ چيائين تہ اتي وڃڻ کانپوءِ آئون روما بہ ضرور ڏسندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:21
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين.


پر جڏھن يونان جي پرڳڻي اخيا جو گورنر گليو ھو، تڏھن يھودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي ڪورٽ ۾ وٺي آيا.


ھن موڪلائڻ وقت کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي ھو اِفسس مان روانو ٿي ويو.


سو ھن پنھنجن مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيا ڏانھن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وقت ايشيا پرڳڻي جي علائقي ۾ رھي پيو.


سڄي شھر ۾ ھُل مچي ويو. گايس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدونيا جا رھاڪو ھئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، تن کي ماڻھن جي ھڪ ميڙ يڪ⁠مشت ٿي پڪڙي تماشگاھہ ۾ آندو.


پولس فيصلو ڪيو ھو تہ ھو اِفسس جي ٻاھران ٻاھران ھليو وڃي، تہ جيئن ايشيا پرڳڻي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انھيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جي ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو ڏينھن وڃي يروشلم ۾ ملھائي.


ھاڻي پاڪ روح جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان، خبر نہ آھي تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو.


جڏھن اسين يروشلم ۾ پھتاسون تہ اتي ڀائرن اسان جو خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو.


اتي اسان کي ڪي شاگرد مليا، جن وٽ اسين ست ڏينھن ٽڪياسين. انھن پاڪ روح جي ھدايت سان پولس کي چيو تہ ”اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“


جڏھن رات ٿي تڏھن خداوند اچي پولس جي ڀرسان بيٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منھنجي لاءِ شاھدي ڏني آھي تيئن روم ۾ بہ تو کي منھنجي لاءِ شاھدي ڏيڻي پوندي.“


جڏھن اھو فيصلو ٿيو تہ اسين سامونڊي جھاز ۾ چڙھي اِٽليءَ ڏانھن وڃون، تڏھن ھنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شھنشاھي پلٽڻ جي صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.


۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، ھي جيڪي ماڻھو جھاز ۾ تو سان گڏ آھن، تن سڀني کي خدا تنھنجي خاطر بچايو آھي.‘


جڏھن اسين روم ۾ پھتاسين تہ پولس کي اڪيلي رھڻ جي اجازت ملي، پر ھڪ سپاھي سندس پھري تي ھو.


مون کي اوھان سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي ڪا روحاني بخشش پھچايان، جنھن جي وسيلي اوھين پنھنجي ايمان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو،


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.


تنھنڪري منھنجي اھا تمنا آھي تہ آءٌ پنھنجي وس آھر اوھان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.


جيئن تہ منھنجو مڪدونيا وٽان گذرڻ جو ارادو آھي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوھان وٽ ايندس.


پر جي خداوند گھريو تہ آءٌ جلدي اوھان وٽ ايندس ۽ جيڪي ٻٽاڪي آھن، تن جي ڳالھين جي نہ، پر سندن طاقت جي خبر لھندس.


سو اسين اوھان جي سرحد کان بہ پري وارن علائقن ۾ خوشخبري ٻڌائينداسين. ڪنھن ٻئي جي علائقي ۾ سندس ڪيل ڪم تي فخر نہ ڪنداسين.


آخر چوڏھن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانھن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.


ايتري قدر جو اوھين مڪدونيا ۽ اخيا پرڳڻن جي سڀني ايمان آڻيندڙن لاءِ نمونو ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ