Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:19 - Common Language New Testament

19 انھن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا ھئا، تن پنھنجا ڪتاب گڏ ڪري سڀني جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انھن ڪتابن جي رقم جوڙي ويئي تہ اھا پنجاھہ ھزار چانديءَ جا سڪا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ ڪيترائي جادوگر پنهنجا ڪتاب گڏ ڪري کڻي آيا ۽ سڀني جي اڳيان ساڙي ڇڏيائون: ۽ انهن جي قيمت جو حساب ڪيائون تہ پنجاهہ هزار رپيا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 انهن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا هئا، تن پنهنجا پنهنجا شاستر آڻي گڏ ڪري سڀني ماڻهن جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انهن شاسترن جي رقم جوڙي ويئي تہ اها پنجاهہ هزار چانديءَ جا سڪا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 انهن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا هئا، تن پنهنجا پنهنجا ڪتاب آڻي گڏ ڪري سڀني ماڻهن جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انهن ڪتابن جي رقم جوڙي ويئي تہ اها پنجاهہ هزار چانديءَ جا سڪا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:19
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اھڙيءَ طرح اوھان مان جنھن وٽ جو ڪجھہ آھي سو جيستائين اھو سڀ ڪجھہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“


”يا فرض ڪريو تہ ھڪڙيءَ عورت کي چانديءَ جا ڏھہ سڪا آھن ۽ ھڪ وڃائجي وڃينس، تہ اھا ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻھاريندي ۽ خبرداريءَ سان پيئي ڳوليندي جيستائين اھو نہ لھندي.


جڏھن ھو سارو ٻيٽ لتاڙي پافس ۾ پھتا تہ ھنن اتي نبي سڏائيندڙ ھڪڙو يھودي جادوگر ڏٺو، جنھن جو نالو بريسوع ھو.


پر بريسوع عرف اليماس، جنھن جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آھي ’جادوگر،‘ تنھن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي، تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي.


جن ايمان آندو ھو تن مان ڪيترن ئي کُلي⁠عام پنھنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.


جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ