Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:17 - Common Language New Testament

17 يھودي ۽ غير قوم وارا جيڪي اِفسس ۾ رھندا ھئا، تن سڀني کي جڏھن ھيءَ خبر پيئي تہ ڊپ وٺي وين ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي کي وڏي عزت ۽ آبرو ڏيڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ يهودي توڙي يوناني جي افسس ۾ رهندا هئا، تن سڀني کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي ۽ ڊپ وٺي وين، ۽ خداوند يسوع جي نالي جي تعريف ٿيڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين پرڀو يسوع جي نالي جي مهانتا ٿيڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين خداوند عيسيٰ جي نالي جي تعظيم ٿيڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:17
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي اوسي⁠پاسي ۾ رھندا ھئا تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو ۽ اھي سڀيئي ڳالھيون يھوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ ھلي ويون.


انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“


جڏھن گورنر ھي حال ڏٺو تہ خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ ايمان آندائين.


جڏھن اھي اِفسس ۾ پھتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوئي پاڻ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويو جتي يھودين سان بحث ڪرڻ لڳو.


ھن موڪلائڻ وقت کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي ھو اِفسس مان روانو ٿي ويو.


اپلوس اڃا ڪرنٿس ۾ ئي ھو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پھتو ۽ اتي ڪن شاگردن سان مليو.


پوءِ جنھن شخص ۾ ڀوت ھو، تنھن ٽپو ڏيئي وڃي سوگھو ڪين ۽ اھڙو سوگھو ڪيائين جو ھو سڀيئي ڪپڙا ڦاڙائي ۽ ڌڪ کائي انھيءَ گھر مان وٺي ڀڳا.


جن ايمان آندو ھو تن مان ڪيترن ئي کُلي⁠عام پنھنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.


رسولن ڪيترائي معجزا ۽ عجب جھڙا ڪم ڪيا، سو انھيءَ ڪري ھر ھڪ کي خدا جو خوف وڪوڙي ويو.


سڄي ڪليسيا جي ماڻھن ۽ ٻين، جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


خداوند تي ايمان آڻيندي ڪيترائي مرد ۽ عورتون انھن ۾ شامل ٿيندا ھئا. پر انھن کان علاوہ ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿيندي ھئي جو ھو رسولن سان وڃي ملي، تنھن ھوندي بہ اھي ماڻھو سندن ساراھہ ڪندا ھئا.


حنانياہ اھو ٻڌڻ شرط ھيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان.


اسين ھيءَ دعا انھيءَ لاءِ گھرندا آھيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوھان جي وسيلي ۽ اوھين ھن جي وسيلي عزت پايو.


مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو تہ خداوند جو پيغام جلد ڦھلجي ۽ عزت سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوھان منجھہ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ