Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:1 - Common Language New Testament

1 اپلوس اڃا ڪرنٿس ۾ ئي ھو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پھتو ۽ اتي ڪن شاگردن سان مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو جو اڃا اپلوس ڪرنٿيس ۾ ئي هو، تہ پولس مٿين پرڳڻي مان ٿي افسس ۾ آيو، ۽ اُتي ڪن شاگردن کي گڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن وشواسين سان مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن ايمان وارن سان مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ڳالھين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس ۾ اچي پھتو.


عبادت⁠خاني جي اڳواڻ ڪرسپس ۽ سندس سڄي ڪٽنب خداوند تي ايمان آندو ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ڪرنٿين پولس جي ڳالھہ ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


يھودي ۽ غير قوم وارا جيڪي اِفسس ۾ رھندا ھئا، تن سڀني کي جڏھن ھيءَ خبر پيئي تہ ڊپ وٺي وين ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي کي وڏي عزت ۽ آبرو ڏيڻ لڳا.


اوھين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾ پر سڄي ايشيا پرڳڻي ۾ ھن شخص پولس گھڻن ماڻھن کي ورغلائي گمراھہ ڪري ڇڏيو آھي. ھو چئي رھيو آھي تہ ’ماڻھن جا ٺاھيل ھي بت خدا ھرگز نہ آھن.‘


پولس فيصلو ڪيو ھو تہ ھو اِفسس جي ٻاھران ٻاھران ھليو وڃي، تہ جيئن ايشيا پرڳڻي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انھيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جي ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو ڏينھن وڃي يروشلم ۾ ملھائي.


جڏھن ھو پھتا تہ پولس کين چيو تہ ”اوھان کي سڌ آھي تہ مون ايشيا پرڳڻي ۾ پھچڻ جي پھرين ڏينھن کان وٺي سڄو وقت اوھان سان ڪيئن گذاريو آھي.


ھنن اھو انھيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي ھڪ شخص تروفيمس کي شھر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو ھئائون ۽ سمجھيو ھئائون تہ پولس کيس ھيڪل ۾ وٺي آيو آھي.


منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آھيان.“


جيڪڏھن آءٌ اِفسس ۾ جھنگلي جانورن سان انساني خواھش جي ڪري وڙھيس تہ پوءِ مون کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏھن مئل نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇوتہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.


ھاڻي پنھنجي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ ھي آھي تہ مون ھن کي ڀائرن سان گڏجي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ زور ڀريو. ھن وقت سندس اچڻ جي مرضي اصلي ناھي پر موقعو مليس تہ ضرور ايندو.


پر اڃا آءٌ ھتي اِفسس ۾ پنتيڪُست جي عيد تائين رھندس.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون ھنن ڳالھين ۾ اوھان جي خاطر پنھنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھين اسان کان سکو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آھي، تنھن کان ٻاھر نہ وڃو.“ اوھان مان ڪو ھڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي خلاف ٻٽاڪون نہ ھڻي.


ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي اِفسس شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ