Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:28 - Common Language New Testament

28 ڇالاءِ⁠جو ھن مضبوط دليلن سان يھودين کي کليو کلايو شڪست ڏني ۽ پاڪ ڪتابن مان ثابت ڪيائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ڇالاءِ جو هو پاڪ ڪتابن مان خوب ثابت ڪري ڏيکاريندو هو تہ يسوع ئي مسيح آهي، ۽ کُليو کُلايو يهودين کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي اڳيان بحث مباحثن ۾ هن مضبوط دليلن سان پوِتر شاستر مان اهو ثابت ڪيو تہ يسوع ئي مسيح آهي. ائين هن يهودين جا وات بند ڪري ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي اڳيان بحث مباحثن ۾ هن مضبوط دليلن سان پاڪ ڪلام مان اهو ثابت ڪيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي. ائين هن يهودين جا وات بند ڪري ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اھو ٻار جسماني ۽ روحاني طرح وڌيو ۽ ايستائين بيابان ۾ رھڻ لڳو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاھر نہ ڪيائين.


پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون.


۽ دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو ھئن تہ ”اھو ضروري ھو تہ مسيح ڏک سھي ۽ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿي.“ ھن چيو تہ ”ھي عيسيٰ جنھن جي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان سو ئي مسيح آھي.“


ھن کي خداوند جي طريقي واري تعليم ڏني ويئي ھئي. سو ھو عيسيٰ جون ڳالھيون وڏي جوش ۽ جذبي سان صحيح نموني ۾ ٻڌائيندو ۽ سيکاريندو ھو، جڏھن تہ بپتسما بابت ھن کي رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ ھئي.


جڏھن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيا مان اچي پھتا تہ پولس ڪلام جي تبليغ ۾ ڏاڍو مشغول ھو. ھن يھودين کي انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.


فلپس ڳالھائڻ لڳو ۽ پاڪ ڪتاب کي انھيءَ ھنڌ کان شروع ڪري کيس عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌايائين.


پر شائول جي تبليغ ڏينھون ڏينھن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يھودي دمشق ۾ رھندا ھئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ