Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:26 - Common Language New Testament

26 ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ بي⁠ڊپو ٿي ڳالھائڻ لڳو. جڏھن پرسڪلا ۽ اڪولا ھن جو ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن ھن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس خدا جي طريقي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 هو همت جهلي عبادتخاني ۾ ڳالهائڻ لڳو؛ پر جڏهن پرسڪلہ ۽ اڪولہ هن جي تقرير ٻُڌي، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا، ۽ خدا جي واٽ جي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهاڻي ڏنائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ بي‌ڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن پرسڪلا ۽ اڪولا هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس مسيح بابت ايشور واري رستي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 هو يهودين جي عبادت‌خاني ۾ بي‌ڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن پرسڪلا ۽ اڪولا هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس مسيح بابت خدا واري رستي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:26
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


انھن کي چيائين تہ ’آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.


پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي مرضيءَ موجب ھلڻ چاھي ٿو تہ ھو انھيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اھا خدا وٽان آھي يا آءٌ پنھنجي طرفان ٿو چوان.


رسول اتي گھڻو وقت ترسيا ۽ خداوند بابت دليريءَ سان ڳالھائيندا رھيا. خداوند سندن ھٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنھنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ڪيو.


پولس ڪرنٿس ۾ ڪيترا ئي ڏينھن رھيو. پوءِ ڀائرن کان موڪلائي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام ڏانھن روانو ٿيو. سفر کان اڳ ۾ ڪنخريا ۾ ھن پنھنجو مٿو ڪوڙائي ھڪ باس باسي.


ھن کي خداوند جي طريقي واري تعليم ڏني ويئي ھئي. سو ھو عيسيٰ جون ڳالھيون وڏي جوش ۽ جذبي سان صحيح نموني ۾ ٻڌائيندو ۽ سيکاريندو ھو، جڏھن تہ بپتسما بابت ھن کي رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ ھئي.


پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.


سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.


تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ ھن فلپس کي عرض ڪيو تہ ”اچي مون سان گڏ ويھو.“


اک ھٿ کي چئي نہ ٿي سگھي تہ ”مون کي تنھنجي ضرورت نہ آھي.“ يا وري مٿو پيرن کي چئي نہ ٿو سگھي تہ ”مون کي اوھان جي ضرورت ڪانھي.“


ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏھن اوھان منجھان ڪو ماڻھو ڀانئين تہ ھن زماني جي لحاظ کان ڏاھو ليکجان، تہ پوءِ کيس بي⁠وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن ھو ڏاھو ٿي پوي.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ ھو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي.


تنھنڪري اچو تہ مسيح جي باري ۾ ابتدائي ڳالھين کي ڇڏي ڪماليت ڏانھن وڌندا ھلون. موت ڏانھن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبھہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو ٻيھر بنياد ئي نہ وجھون،


پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ