Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:18 - Common Language New Testament

18 پولس ڪرنٿس ۾ ڪيترا ئي ڏينھن رھيو. پوءِ ڀائرن کان موڪلائي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام ڏانھن روانو ٿيو. سفر کان اڳ ۾ ڪنخريا ۾ ھن پنھنجو مٿو ڪوڙائي ھڪ باس باسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هاڻي پولس ٻيا بہ گهڻا ڏينهن اُتي رهيو، پوءِ ڀائرن کان موڪلائي جهاز تي چڙهي شام ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ساڻس گڏ پرسڪلہ ۽ اڪولہ بہ هئا. ۽ جيئن تہ هن منت مڃي هئي تيئن ڪنخريہ ۾ پنهنجو مٿو بہ ڪُوڙايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ وشواسين کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ ايمان وارن کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:18
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


شاگردن کان موڪلائي پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو.


ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


انھن جي ھٿان ھي خط ڏياري موڪليائون تہ ”غير قومن مان جيڪي ايمان آڻيندڙ انتاخيا، شام ۽ ڪلڪيا ۾ ٿا رھن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ بزرگن جا سلام ھجن.


پولس شام ۽ ڪلڪيا مان ٿيندو، اتي جي ڪليسيائن کي ھمتائيندو ويو.


اتي ھن کي اڪولا نالي ھڪڙو يھودي مليو، جيڪو پنطس جو رھاڪو ھو. ھو اِٽليءَ مان تازو پنھنجي زال پرسڪلا سان گڏ آيو ھو، ڇالاءِ⁠جو شھنشاھہ ڪلوديس حڪم ڏنو ھو تہ سڀ يھودي روم شھر مان نڪري وڃن. سو پولس انھن وٽ آيو،


ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ بي⁠ڊپو ٿي ڳالھائڻ لڳو. جڏھن پرسڪلا ۽ اڪولا ھن جو ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن ھن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس خدا جي طريقي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.


جڏھن اپلوس جي مرضي ٿي تہ ”آءٌ يونان جي پرڳڻي اخيا وڃان،“ تہ ڀائرن کيس ھمتايو ۽ يونان جي شاگردن ڏانھن تاڪيدي خط لکيائون تہ ھو يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. جڏھن ھو اتي پھتو تہ ھو انھن جو وڏو مددگار ٿي پيو، جن خدا جي فضل سان ايمان آندو ھو،


تنھنڪري ھاڻي جيئن اسين چئون تيئن ڪر. اسان وٽ اھڙا چار ماڻھو آھن جن باس باسي ھئي.


سو ھاڻي تون انھن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيءُ ۽ انھن جو خرچ ڀر تہ ھو پنھنجا مٿا ڪوڙائين. اھڙيءَ طرح سڀيئي ماڻھو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالھيون تو بابت ٻڌيون اٿن سي سڀ ڪوڙيون آھن، پر تون تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آھين.


پوءِ اھڙي ھنڌ پھتاسين جتان اسين قبرص کي ڏسي سگھون پيا ۽ انھيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانھن ھلڻ لڳاسين. پوءِ صور ۾ پھچي جھاز بندر سان لڳو تہ اسين ھيٺ لٿاسين، ڇالاءِ⁠جو اتي جھاز مان مال لھڻو ھو.


آءٌ اوھان کي فيبيءَ جي پارت ٿو ڪريان، جيڪا اسان جي ڀيڻ ۽ ڪنخريا شھر جي ڪليسيا جي خدمتگار آھي.


يھودين لاءِ آءٌ يھودين جھڙو بڻيس تہ جيئن يھودين کي ھٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين ھوس.


تنھن کان پوءِ آءٌ شام ۽ ڪلڪيا جي علائقن ۾ آيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ