Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:14 - Common Language New Testament

14 پولس ڳالھائڻ تي ھو، پر گورنر گليوءَ يھودين کي چيو تہ ”اي يھودي قوم! جيڪڏھن اھا ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي بڇڙي ڳالھہ ھجي ھا تہ پوءِ واجبي ھو تہ آءٌ صبر سان اوھان جي ڳالھہ ٻڌان ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر جڏهن پولس ڳالهائڻ تي هو، تڏهن گليو يهودين کي چيو، تہ اي يهودي قوم، جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستي يا وڏي برائيءَ جي ڳالهہ هجي ها، تہ پوءِ واجبي آهي تہ آئون صبر ڪري اوهان جي ٻُڌان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو انھن کي ويھي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ چيائين تہ


عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين قوم! آءٌ اوھان سان ڪيستائين ھوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوھان جا ڏک سھندس؟ ھاڻي ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچو.“


۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون ھر نيڪيءَ جو دشمن آھين، ھر قسم جي بڇڙائيءَ ۽ ٺڳيءَ سان ڀريل آھين ۽ ھميشہ ڪوشش ڪندو رھين ٿو تہ خداوند جي سچائيءَ کي ڪوڙو ڪرين.


۽ اٽڪل چاليھن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رھيو.


پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ يھودي آھيان، ترسس جو ويٺل آھيان، جيڪو ڪلڪيا جي علائقي جو ھڪڙو مشھور شھر آھي. منھنجو عرض آھي تہ مھرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻھن سان ڳالھايان.“


جيڪڏھن آءٌ ڏوھدار آھيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آھي. پر جن ڳالھين جي اھي مون تي تھمت ھڻن ٿا، سي سچيون ڪين آھن. پوءِ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي اھو حق نہ آھي تہ ھو مون کي انھن جي حوالي ڪري. تنھنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“


پر ھن بابت ڪابہ پڪي خبر نہ آھي، جا آءٌ شھنشاھہ ڏانھن لکي موڪليان. تنھنڪري مون ھن کي اوھان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي بادشاھہ اگرپا! اوھان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوھين ھن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان.


چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انھن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏھن تون حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿو گھرين، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪر تہ ھو تنھنجي نيڪي ڪندو.


ڪاش! اوھين منھنجي ٿورڙي بي⁠وقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. ھا، ضرور برداشت ڪريو.


جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟


ھو جاھلن ۽ گمراھہ ٿيندڙن سان نرميءَ واري ھلت ڪري ٿو سگھي، ڇوتہ ھو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ مبتلا آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ