Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:32 - Common Language New Testament

32 جڏھن انھن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين پوءِ بہ اوھان کان ھن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 هاڻي جڏهن هنن مُئلن جي جيئري ٿيڻ جو ٻُڌو، تڏهن ڪي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، پر ٻين چيو تہ اسان کي اها ڳالهہ وري بہ ٻُڌائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيوت ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:32
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اھي سڀ ھڪٻئي پٺيان بھانا ڪرڻ لڳا. پھرين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آھي ۽ مون کي اھا ضرور ڏسڻي آھي. سو مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘


جن ماڻھن عيسيٰ تي پھرو پئي ڏنو، تن مٿس چٿرون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي ھنيائونس.


تڏھن ھيروديس پنھنجي سپاھين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بي⁠عزتو ڪيو. پوءِ ھن کي شاندار وڳو پھرائي واپس پلاطس ڏانھن موڪليائون.


سپاھي بہ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس ويجھو اچي ڪؤڙي مئي آڇي


’اوھين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان جي زماني ۾ ھڪڙو اھڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوھين مٿس ڪڏھن بہ ويساھہ نہ ڪندا.‘“


اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.


ڇالاءِ⁠جو ھن ھڪ ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تي ھو سڄي جھان جو عدل ۽ انصاف انھيءَ ماڻھوءَ جي ھٿان ڪندو جنھن کي ھن اڳ ۾ ئي چونڊي ڇڏيو آھي. انھيءَ لاءِ ھن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ھر ڪنھن تي اھا ڳالھہ ثابت ڪري ڇڏي آھي.“


پوءِ پولس ڪائونسل مان ھليو ويو.


پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“


جڏھن پولس ھنن کي سچائي، پرھيزگاري ۽ ايندڙ قيامت بابت سمجھايو پئي، تڏھن فِيلِڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، سو پولس کي چيائين تہ ”ھاڻي تون ھليو وڃ ۽ وري جڏھن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“


پر ھنن ساڻس پنھنجي دين ۽ عيسيٰ نالي ھڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو ھو ۽ پولس چوي ٿو تہ ھو جيئرو آھي.


پر اوھان سڀني کي اھا ڳالھہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ خدا مئلن کي وري جيئرو ڪري اٿاريندو؟


پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


ھاڻي جيڪڏھن تبليغ ڪجي ٿي تہ مسيح مئلن مان جِي اٿيو آھي، تہ اوھان مان ڪي ڪيئن چئي سگھن ٿا تہ مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿارجن؟


اسين تہ مسيح جي خاطر بي⁠وقوف ٿا سڏجون، پر اوھين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سياڻا ٿا ليکجو. اسين ھيڻا پر اوھين طاقتور، اوھين عزت وارا پر اسين بي⁠عزت ٿا ليکجون.


ڇالاءِ⁠جو خدا چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوھان جي ٻڌي، ۽ ڇوٽڪاري جي ڏينھن مون اوھان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، ھاڻي قبول پوڻ جو وقت آھي، ڏسو، ھاڻي ڇوٽڪاري جو ڏينھن آھي.


ڪن ماڻھن جي وري کِل ٺٺولي ڪرڻ سان ۽ چھبڪن ھڻڻ سان آزمائش ورتي ويئي، ايتري تائين جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.


تنھنڪري اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي⁠گاھہ کان ٻاھر ھن وٽ ھلون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ