Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:31 - Common Language New Testament

31 ڇالاءِ⁠جو ھن ھڪ ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تي ھو سڄي جھان جو عدل ۽ انصاف انھيءَ ماڻھوءَ جي ھٿان ڪندو جنھن کي ھن اڳ ۾ ئي چونڊي ڇڏيو آھي. انھيءَ لاءِ ھن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ھر ڪنھن تي اھا ڳالھہ ثابت ڪري ڇڏي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي سنسار جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيوت ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:31
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کان وڌيڪ ڀوڳيندو.“


بادشاھت جي ھن خوشخبريءَ جي منادي سڄي دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاھدي ٿئي. تنھن کان پوءِ ھن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“


ابن⁠آدم لاءِ جيئن لکيل آھي تيئن ئي ھو ھن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آھي انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان ھو پڪڙائجي ٿو.“


جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ منھنجون ڳالھيون قبول نہ ٿو ڪري، تنھن جي فيصلي ڪرڻ وارو ھڪڙو آھي، يعني اھي منھنجون ڪيل ڳالھيون ئي آھن، جيڪي آخرت جي ڏينھن ھن کي ڏوھاري ٺھرائينديون.


سچائيءَ جي نسبت ھيئن جو آءٌ پنھنجي پيءُ ڏانھن وڃي رھيو آھيان، تنھنڪري اوھين مون کي وڌيڪ نہ ڏسندا


۽ پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جي اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ⁠جو ھو ابن⁠ آدم آھي.


اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.


جڏھن انھن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين پوءِ بہ اوھان کان ھن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌنداسين.“


جڏھن اھي اتي نہ ملين تڏھن ياسون ۽ ڪن ٻين ڀائرن کي گھلي شھر جي ڪن عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻھن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آھي سي ھتي بہ آيا آھن.


انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون.


پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.


انھن ڳالھين جو فيصلو انھيءَ ڏينھن ٿيندو جنھن ڏينھن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻھن جي دلين جي لڪل ڳالھين جو فيصلو ڪندو ۽ اھو منھنجي انھيءَ خوشخبريءَ مطابق آھي جنھن جي آءٌ تبليغ ٿو ڪريان.


پر تون جو سخت⁠دل ٿيو آھين ۽ توبھہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انھيءَ قھر واري ڏينھن واسطي پاڻ پنھنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنھن ڏينھن خدا جو پورو پورو انصاف ظاھر ٿيندو.


تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.


ڇالاءِ⁠جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي انھن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي ھن جسم ۾ رھي ڪيا آھن، پوءِ اھي چڱا ھجن يا بڇڙا.


خدا ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جي عدالت ڪندو، حاضر ناظر ڄاڻي ۽ سندس ظاھر ٿيڻ ۽ بادشاھت ڪرڻ جي ڪري آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ


نڪي بپتسمائن ۽ ھٿن رکڻ، مئلن جي وري جيئري ٿيڻ ۽ دائمي عدالت جي تعليم جو بنياد ٻيھر وجھون.


انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ