Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:27 - Common Language New Testament

27 انھيءَ لاءِ تہ ھو اميد رکي خدا جي ڳولا ڪن ۽ من ھن ڏانھن ڦري کيس ڳولي لھن. ڇالاءِ⁠جو ھو اسان مان ڪنھن کان بہ پري نہ آھي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تہ هو اُميد رکي خدا جي ڳولا ڪن، ۽ من هن ڏانهن ڦري هن کي ڳولي لهن؛ جيتوڻيڪ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 انهيءَ لاءِ تہ هو ايشور جي ڳولا ڪن ۽ من هٿوراڙيون هڻي کيس ڳولي لهن. جڏهن تہ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 انهيءَ لاءِ تہ هو خدا جي ڳولا ڪن ۽ من هٿوراڙيون هڻي کيس ڳولي لهن. جڏهن تہ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:27
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن ھوندي بہ ھن ھميشہ چڱا ڪم ڪري پنھنجي وجود جي شاھدي ڏني آھي. انھيءَ لاءِ ھن مينھن وسائي اوھان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آھن، ڪشادي روزي ڏني آھي ۽ اوھان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آھي.“


انھيءَ لاءِ تہ باقي رھيل ماڻھو ۽ سڀ غير قومون جيڪي منھنجون ٿيون سڏجن، سي مون خداوند جي ڳولا ڪن.“


خدا جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس دائمي قدرت ۽ ذات دنيا جي شروعات کان وٺي سندس خلقيل شين مان ظاھر ظھور پيون ڏسجن. تنھنڪري انھن کي ڪوبہ بھانو نہ آھي.


يا تون خدا جي ڀلائي، بردباري ۽ صبر جي نعمتن کي گھٽ ٿو سمجھين. ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبھہ ڏانھن ڇڪي رھي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ