Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:24 - Common Language New Testament

24 جنھن خدا سارو جھان ۽ جيڪي شيون منجھس آھن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آھن، سو آسمان ۽ زمين جو مالڪ ھوندي ھٿن جي ٺھيل مندرن ۾ نہ ٿو رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جنهن خدا دنيا ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو آسمان ۽ زمين جو خدا ٿي ڪري، هٿن جي جوڙيلن مندرن ۾ نٿو رهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 جنهن ايشور سڄو سنسار ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو ڌرتيءَ ۽ آڪاش جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 جنهن خدا سڄو جهان ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:24
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.


پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوھين نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ⁠جو اھو خدا جو تخت آھي


انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“


دنيا جي شروعات کان اڳي ئي ڪلام موجود ھو، ڪلام خدا سان ھو ۽ ڪلام خدا ھو.


”اي انسانو! اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوھان جھڙا فاني انسان آھيون. اسين تہ اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آھيون تہ اوھين ھنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انھيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجھن آھي سو پيدا ڪيو آھي.


جڏھن انھن اھو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انھن منجھہ آھي تنھن جو خالق آھين.


پر خدا تعاليٰ ھٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رھي، جيئن نبيءَ چيو آھي تہ


ڇاڪاڻ⁠تہ جو ڪجھہ خدا بابت انسانن کي معلوم ٿي سگھي ٿو، سو سندن لاءِ صاف ظاھر آھي، جو اھو خدا پاڻ انھن تي ظاھر ڪيو آھي.


پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين.


ڇالاءِ⁠جو ھر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ ھوندو آھي، پر جنھن سڀ ڪجھہ بڻايو سو خدا ئي آھي.


پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ