Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:19 - Common Language New Testament

19 پوءِ ھو کيس اريوپگس نالي ھڪڙي جاءِ تي شھر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ٻڌاءِ تہ ھي ڪھڙي نئين تعليم آھي جيڪا تون ڏيئي رھيو آھين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پوءِ هو انهي کي اريوپگس نالي هڪڙيءَ جاءِ تي وٺي ويا، ۽ چوڻ لڳس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ هيءَ نئين تعليم جا تون ڏين ٿو سا ڪهڙي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي پئنچائت وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين سکيا آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين تعليم آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھان کي منھنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاھن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ڇوتہ اوھين انھن غير قومن کي خوشخبري ٻڌائيندا.


تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“


آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.


ڇاڪاڻ⁠تہ تون ڪي اھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين جي اسان کي عجيب ٿيون لڳن، سو اسان جي مرضي آھي تہ ٻڌون تہ انھن جو مطلب ڇا آھي.“


تڏھن پولس ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رھاڪو! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ مذھبي دلچسپي ٿا رکو،


پر ڪي ماڻھو ساڻس اچي گڏيا ۽ ايمان آندائون. انھن مان ھڪڙو ديونيسيُس نالي ھو، جيڪو اريوپگس ڪائونسل جو ميمبر ھو ۽ ھڪڙي عورت دمرس نالي ھئي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي ھئا.


ڪپتان انھيءَ جوان کي ھٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالھائڻو آھي؟“


ڪن ڏينھن کان پوءِ فِيلِڪس پنھنجي يھودڻ زال دروسلہ سان گڏجي اتي آيو ۽ پولس کي گھرائي سندس زباني عيسيٰ مسيح جي دين بابت ڳالھيون ٻڌائين.


تنھن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”منھنجي پاڻ اھا مرضي آھي تہ آءٌ انھيءَ ماڻھوءَ جون ڳالھيون ٻڌان.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوھين سڀاڻي ئي کڻي ھن جون ڳالھيون ٻڌجو.“


اگرپا پولس کي چيو تہ ”اوھان کي اجازت آھي تہ اوھين پنھنجي پاران ڪجھہ چئو.“ پولس ھٿ ھلائي پنھنجي بچاءَ ۾ ھي بيان ڏنو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ