Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:17 - Common Language New Testament

17 تنھنڪري ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ يھودين ۽ خداترس ماڻھن سان ۽ روزانو بازار ۾ جيڪي گڏبا ھئس، تن سان بحث پيو ڪندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تنهنڪري هو عبادتخاني ۾، يهودين ۽ ديندار ماڻهن سان، ۽ بازار ۾ جيڪي گڏبا هئس تن سان، هر روز بحث ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 تنهنڪري هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي يهودين ۽ ايشور ڀڳت غير يهودين سان توڙي بازار ۾ ملڻ وارن سان روزانو بحث پيو ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تنهنڪري هو يهودين جي عبادت‌خاني ۾ وڃي يهودين ۽ خداپرست غير يهودين سان توڙي بازار ۾ ملڻ وارن سان روزانو بحث پيو ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ھن انھن کي چيو تہ ”سڄي دنيا ۾ وڃو ۽ انسانذات ۾ منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريو.


پوءِ تہ اوھان جيڪو اونداھيءَ ۾ ڳالھايو آھي سو روز روشن ۾ ٻڌبو ۽ جيڪا بند ڪمرن ۾ ماڻھن جي ڪنن ۾ سس⁠پس ڪئي اٿوَ سا وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪاري ويندي.“


ھو ۽ ھن جو سڄو ڪٽنب ديندار ھو ۽ خدا کان ڊڄندا ھئا. غريب يھودين جي ھو ڏاڍي مدد ڪندو ھو ۽ ھر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو ھو.


تنھن تي پولس اٿي بيٺو ۽ ھٿ جو اشارو ڏيندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! ڪن ڏيئي ٻڌو.


مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي يھودي ۽ سندن ديندار نوان مريد پولس ۽ برنباس جي پٺيان ھلڻ لڳا ۽ ھنن ساڻن ڳالھائي انھن کي تاڪيد ڪيو تہ ”خدا جي فضل تي قائم رھندا اچو.“


پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


ڪن ديندار ماڻھن استيفنس کي دفنايو ۽ انھيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون.


ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.


ڇالاءِ⁠جو ماڻھو خود⁠غرض، پيسي جا يار، ٻٽاڪي، مغرور، بدزبان، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان، بي⁠شڪرا ۽ ناپاڪ ٿي پوندا.


اھي دينداريءَ جو ظاھري نمونو تہ رکندا، پر انھيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اھڙن ماڻھن کان پاسو ڪجانءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ