Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:13 - Common Language New Testament

13 پر جڏھن ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪري رھيو آھي، تڏھن ھنن اتي بہ وڃي ماڻھن کي ڀريو ۽ منجھن گوڙ مچايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر جڏهن ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريہ ۾ خدا جي ڪلام جي منادي پيو ڪري، تڏهن اُتي بہ وڃي ماڻهن کي چوريائون، ۽ منجهن گوڙ مچايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جڏهن ٿِسلُنيڪي جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ انهيءَ سنديش جو پرچار ڪري رهيو آهي، تڏهن هنن اتي بہ اچي ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ انهن ۾ گوڙ مچايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن ٿِسلُنيڪي جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ انهيءَ پيغام جي تبليغ ڪري رهيو آهي، تڏهن هنن اتي بہ اچي ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ انهن ۾ گوڙ مچايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


ڇا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان؟ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ صلح نہ پر جدائي ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان.


پر جن يھودين ايمان نہ آندو، تن غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انھن جي جذبات کي ڀائرن جي خلاف ڪيائون.


ھاڻي ھو امفپلس ۽ اپلونيا مان لنگھي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يھودي عبادت⁠خانو ھو.


پر ڀائرن پولس ۽ سيلاس کي راتوواھہ بيريا ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتا تہ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا.


پر گھڻن يھودين کي حسد ٿيو، سو انھن ڪي بازاري لوفر وٺي ھڪ ٽولو ٺاھيو، جن سڄو شھر مٿي تي کنيو. انھن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاھر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


بيريا واري پورس جو پٽ سوپترس، ٿسلونيڪيءَ وارن مان ارسترخس ۽ سڪندس، دربيءَ وارو گايس، ايشيا پرڳڻي وارا تُخِڪُس ۽ تروفيمس ۽ تيمٿيس پڻ ايشيا پرڳڻي تائين ساڻس گڏجي ويا.


پر جڏھن اھي ست ڏينھن پورا ٿيڻ تي ھئا، تڏھن ايشيا پرڳڻي جي ڪن يھودين پولس کي ھيڪل ۾ ڏٺو. سو ھنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.


اھڙيءَ طرح ھنن خلق کي، بزرگن ۽ شريعت جي عالمن سميت وٺي ڀڙڪايو. اھي استيفنس تي چڙھائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون.


آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رھيو آھيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنھنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شھر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ