Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:11 - Common Language New Testament

11 اھي يھودي ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کان وڌيڪ ڪشادي ذھن وارا ھئا، ڇالاءِ⁠جو ھنن وڏي شوق سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو ۽ روزانو پاڪ ڪتاب پڙھي ڏسندا ھئا تہ ائين برابر آھي يا نہ، جيئن پولس چئي رھيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 هاڻي هي ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کان وڌيڪ چڱا ماڻهو هئا، جو هنن وڏي شوق سان ڪلام قبول ڪيو، ۽ روز بروز پاڪ ڪتاب پڙهي ڏسندا هئا تہ اِهي ڳالهيون برابر ائين آهن يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت ايشور جو سنديش وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پوِتر شاستر پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت خدا جو پيغام وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پاڪ ڪلام پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:11
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا، اُن کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ.“


جھڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اھي ڳالھيون پھچايون، تھڙيءَ طرح انھن بہ ھي ڳالھيون انھن کان ٻڌي لکيون، جن شروع کان ھي ڳالھيون ٿيندي ڏٺيون ۽ ڪلام جي تبليغ ڪئي.


اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اسان کي روزانو ڏي.


تنھن تي ابراھيم وراڻيس تہ ’انھن وٽ موسيٰ ۽ نبي موجود آھن، ڀلي تہ انھن جي ٻڌن.‘


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


پر جيڪو سچ تي ھلي ٿو سو روشنيءَ ڏانھن اچي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاھر ٿين، جيڪي ھن خدا جي مرضيءَ موجب ڪيا آھن.


اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون.


تنھنڪري مون جلدي اوھان کي گھرايو ۽ اھا اوھان جي وڏي مھرباني آھي جو اوھين آيا آھيو. ھاڻي اسين سڀ انھيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آھيون تہ جيڪي خداوند اوھان کي ٻڌائڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي سو ٻڌون.“


رسولن ۽ سڄي يھوديہ ۾ ڀائرن ٻڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي.


ھاڻي ھو امفپلس ۽ اپلونيا مان لنگھي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يھودي عبادت⁠خانو ھو.


انھن مان ڪيترن ئي ھن جي پيغام کي قبول ڪيو ۽ بپتسما ورتائون. انھيءَ ڏينھن اٽڪل ٽي ھزار ماڻھو ھنن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا.


اوھين اسان وانگر ھليا ۽ خداوند جا پيروي ڪندڙ ٿي ويا، ڇوتہ گھڻي مصيبت جي ھوندي بہ اوھان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو.


انھيءَ ڪري اسين بہ ھميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏھن اوھان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوھان اسان کان ٻڌو، تڏھن اوھان اھو ماڻھن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آھي تيئن خدا جو ڪلام سمجھي قبول ڪيو. اھو ڪلام اوھان ايمان آڻيندڙن تي اثر بہ ڪري ٿو.


ھو برباد ٿيڻ وارن کي ھر قسم جي بڇڙائيءَ سان فريب ڏيندو. اھي ماڻھو انھيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جي محبت اختيار نہ ڪيائون، جنھن سان سندن ڇوٽڪارو ٿئي ھا.


تنھنڪري سموري گندگيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي ڪثرت کي پري اڇلائي، نماڻائيءَ سان انھيءَ ڪلام کي قبول ڪريو، جيڪو اوھان ۾ پوکيل آھي ۽ جيڪو اوھان کي بچائي ٿو سگھي.


جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوھين بہ نج روحاني کير جا طلبگار ٿيو، تہ انھيءَ جي وسيلي وڌي اوھين ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ