Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:34 - Common Language New Testament

34 ھو پولس ۽ سيلاس کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ کاڌو ڏنائين. ھو ۽ سندس ڪٽنب خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا تي ايمان آندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ هنن کي پنهنجي گهر آڻي سندن اڳيان ماني رکيائين، ۽ پاڻ ۽ سندس سارو گهراڻو، جن خدا تي ايمان آندو هو، سي ڏاڍو خوش ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پوءِ هن پولس ۽ سيلاس کي مٿي پنهنجي گھر وٺي اچي کارايو پيئاريو. ايشور تي وشواس آڻڻ جي ڪري هو ۽ سندس سڄو ڪٽنب بيحد خوش هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پوءِ هن پولس ۽ سيلاس کي مٿي پنهنجي گھر وٺي اچي کارايو پيئاريو. خدا تي ايمان آڻڻ جي ڪري هو ۽ سندس سڄو ڪٽنب بيحد خوش هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:34
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اسان کي تہ شادمانو ۽ خوشي ملھائڻي ھئي، ڇاڪاڻ⁠تہ تنھنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو ھو سو ھاڻي جيئرو ٿيو آھي، جيڪو وڃائجي ويو ھو سو ھاڻي لڌو آھي.‘“


ھو جلدي ھيٺ لھي آيو ۽ عيسيٰ کي خوشيءَ سان پنھنجي گھر وٺي ويو.


پوءِ لاويءَ پنھنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ وڏو تعداد محصول اڳاڙيندڙن جو ھو ۽ ٻيا بہ ماڻھو انھن سان گڏ ويٺا ھئا.


ھو تو کي اھڙو ڪلام ٻڌائيندو جنھن جي وسيلي تو کي ۽ تنھنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘


سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.


ٻئي ڏينھن صبح جو عملدارن پنھنجن سپاھين ھٿان جيلر ڏانھن چوائي موڪليو تہ ”انھن ماڻھن کي ڇڏي ڏيو.“


اھي ھر روز ھيڪل ۾ گڏ ٿيندا ھئا ۽ پنھنجن گھرن ۾ خوشي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏجي ماني کائيندا ھئا.


جڏھن اھي پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ ھو ازوتس ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو. فلپس ازوتس کان وٺي واٽ ۾ سڀني شھرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو، تان جو اچي قيصريہ ۾ پھتو.


شل اميد بخشيندڙ خدا اوھان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوھين اميد ۾ وڌندا وڃو.


نہ رڳو ايترو پر اسين خدا جي حضور ۾ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت خوشي ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ⁠تہ ان جي ئي وسيلي اسان جو خدا سان ميلاپ ٿيو آھي.


مسيح اسان کي ايمان جي وسيلي خدا جي فضل تائين پھچايو آھي، جنھن تي اسين ثابت قدم آھيون. سو اچو تہ اسين انھيءَ اميد تي خوشي ڪريون تہ خدا جو جلوو ماڻينداسين.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


ائين نہ آھي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران. پر آءٌ اھڙو اجر ٿو گھران جيڪو اوھان جي حساب ۾ وڌندو وڃي.


خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين ھر وقت خوش رھو. آءٌ وري بہ چوندس تہ خوش رھو.


تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.


اي پيارا ٻارؤ! اسان کي رڳو ڳالھين ۽ زبان سان نہ، پر عمل ۽ سچائيءَ جي وسيلي بہ پيار ڪرڻ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ