Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:25 - Common Language New Testament

25 رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رھيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رھيا، تڏھن اڌ رات ڌاري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر آڌيءَ رات ڌاري پولس ۽ سيلاس دعا پئي گهُري، ۽ خدا جي تعريف جا گيت پي ڳايائون، جي قيدين پئي ٻُڌا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 رات جو پولس ۽ سيلاس پرارٿنائون ڪندا ۽ ايشور جي مهما جا ڀڄن ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:25
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ايترو وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر جا ڦڙا رت وانگر زمين تي ڪري رھيا ھئا.


پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي.


پر جڏھن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏھن ھنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين رومي عملدارن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ شھر جي چونڪ تي گھلي وٺي ويا.


رات جي انھيءَ پھر ۾ جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ اتي ئي ھن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي.


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.


اميد ۾ خوش رھو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ ھميشہ مشغول رھو.


نہ رڳو ايترو پر پنھنجن مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿئي ٿو.


اسين ڏک تہ سھون ٿا، پر تڏھن بہ ھميشہ خوش ٿا رھون. غريب سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ گھڻن کي شاھوڪار ٿا ڪريون. سڃا⁠سکڻا آھيون تڏھن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آھي.


اوھين پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو ۽ پنھنجي دل سان خداوند جي ساراھہ ۾ ڳايو وڄايو.


پر جيڪڏھن اوھان جي ايمان واري خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنھنجو رت بہ وھائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آھيان ۽ اوھان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.


ھاڻي آءٌ انھن ڏکن جي ڪري خوش آھيان، جيڪي اوھان جي خاطر پيو سھان. اھڙيءَ طرح آءٌ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنھنجي جسم ۾ پوري پيو ڪريان.


عيسيٰ پنھنجي جسماني زندگيءَ ۾ زارون زار روئي ۽ دانھون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انھيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏھن انھيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ ڪري سمجھو.


ڇا اوھان مان ڪو ماڻھو تڪليف ۾ آھي؟ انھيءَ کي دعا گھرڻ کپي. ڇا ڪو خوش آھي؟ انھيءَ کي تعريف جا گيت ڳائڻ گھرجن.


جيڪڏھن مسيح جي نالي جي ڪري اوھان کي بي⁠عزت ڪيو ٿو وڃي تہ اوھين سڀاڳا آھيو، ڇالاءِ⁠جو خداءِ⁠ذوالجلال جي روح جي اوھان تي ڇانوَ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ