Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:23 - Common Language New Testament

23 گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنائون تہ کين سخت پھري ھيٺ رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن گهڻا ڦٽڪا هڻائي چُڪن، تڏهن کڻي قيدخاني ۾ وڌائون، ۽ داروغي کي تاڪيد ڪيائون تہ کين قابو رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪيائون تہ کين سخت پهري هيٺ رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪيائون تہ کين سخت پهري هيٺ رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:23
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ’جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان تہ اھو عيسيٰ ھوندو ۽ کيس پڪڙجو.‘


پر ھنن ڳالھين ٿيڻ کان اڳي ئي اوھين سوگھا ڪيا ويندا. اوھان کي ستايو ويندو، عبادت⁠خانن وارن رھبرن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ وڌو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري اوھان کي بادشاھن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.


جڏھن صبح ٿيو تہ سپاھين ۾ ڏاڍي ڦڙڦوٽ پئجي ويئي تہ پطرس ڪيڏانھن ويو؟


ھن پطرس کي پڪڙڻ کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پھري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاھين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. ھيروديس جو منصوبو ھو تہ ھو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻھن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.


تنھن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کليا پيا آھن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آھن. تنھنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي ھو،


سو جيلر پولس کي ٻڌايو تہ ”عملدارن جو حڪم آھي تہ اوھان کي آزاد ڪيو وڃي. تنھنڪري ھاڻي اوھين ھليا وڃو، شل سدا سلامت ھجو.“


۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون.


”جڏھن اسين اتي پھتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح ڪلف لڳل ڏٺو ۽ سڀ پھريدار دروازن تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا. پر جڏھن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻھو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“


پر شائول ڪليسيا کي تباھہ ڪندو رھيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي گھلي جيل ۾ وجھندو رھيو.


۽ چيائينس تہ ”مون کي دمشق جي يھودي عبادت⁠خانن لاءِ ڪي اھڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جن بہ مردن توڙي عورتن کي انھيءَ طريقي تي ڏسان تہ کين گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“


ڇا ھو ئي مسيح جا خادم آھن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالھايان ٿو تہ آءٌ انھن کان بھتر خادم آھيان. مون انھن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آھي. آءٌ انھن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رھيو آھيان. مون انھن کان وڌيڪ چھبڪ کاڌا آھن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منھن ۾ ويو آھيان.


اسان کي چھبڪن سان ماريو ويو، قيد ڪيو ويو ۽ اسان تي حملو ڪيو ويو. اسان کان سخت محنت ڪرائي ويئي، اوجاڳا ۽ فاقا ڪڍايا ويا.


انھيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوھان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي ڪري قيدي آھيان، دعا ٿو گھران.


تنھنڪري آءٌ، جيڪو خداوند جي خاطر قيدي آھيان، اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جنھن مقصد لاءِ خدا اوھان کي سڏيو آھي انھيءَ جي لائق زندگي گذاريو.


انھيءَ جي ڪري ئي آءٌ ڏک ٿو سھان، ايتري قدر جو ڪنھن ڏوھاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آھيان. پر خدا جو ڪلام قيد نہ آھي.


پر تنھن ھوندي بہ آءٌ پيرسن پولس ۽ ھاڻي عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل، تو کي پيار مان عرض ٿو ڪريان.


آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ