Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:17 - Common Language New Testament

17 ھوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي تہ ”ھي ماڻھو خدا تعاليٰ جا ٻانھا آھن، جيڪي اوھان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ اُها پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا بندا آهن، جي اوهان کي نجات جي واٽ ٿا ڏيکارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو مهان ايشور جا داس آهن، جيڪي اوهان کي مڪتيءَ جو رستو ٿا ٻڌائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا ٻانها آهن، جيڪي اوهان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:17
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


عيسيٰ کي ڏسڻ سان ھو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ابن خدا! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آھين؟“


”اي عيسيٰ ناصري! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون خدا جي ھڪ ئي پاڪ ھستي آھين.“


اُھي ھن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اسان کي ٻڌايو تہ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟ اسين اُن کي محصول ڏيون يا نہ؟“


۽ وڏي واڪي رڙ ڪري چيائين تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنھنجو مون سان ڪھڙو واسطو آھي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“


انھيءَ لاءِ تہ سندس قوم کي ڇوٽڪاري جي خبر ٻڌائين تہ ھنن جا گناھہ بخش ٿيندا.


جيڪا انھن تي چمڪندي جيڪي موت جي اونداھيءَ ۾ رھن ٿا ۽ اسان لاءِ سلامتيءَ واري رستي جي رھنمائي ڪندي.“


انھن ڇاڙتن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي استاد! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي توھين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آھي ۽ توھين ڪنھن جي بہ پاسخاطري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوھين تہ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو.


”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون ئي خدا جي ھڪ پاڪ ھستي آھين.“


ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.


جڏھن عيسيٰ کي ڏٺائين تڏھن رڙ ڪري سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ واڪو ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ بي⁠ڊپو ٿي ڳالھائڻ لڳو. جڏھن پرسڪلا ۽ اڪولا ھن جو ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن ھن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس خدا جي طريقي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.


تڏھن ڪي رولو يھودي جيڪي ڀوپا ھئا سي بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اھي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت ھيئن چوندا ھئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنھن جي پولس تبليغ ڪري رھيو آھي.“


آزاد ماڻھن وانگر زندگي گذاريو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بھانو نہ بڻايو، البت پاڻ کي خدا جا ٻانھا سمجھو.


ڪيترا ئي ماڻھو انھن جي شھوت⁠پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راھہ جي بدنامي ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ