Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:15 - Common Language New Testament

15 سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پوءِ جڏهن انهيءَ ناريءَ پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي پرڀو يسوع تي وشواس رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ جڏهن انهيءَ عورت پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند عيسيٰ تي ايمان رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:15
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو نبيءَ کي خدا جو نبي سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نبيءَ جيترو اجر ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نيڪ جيترو اجر ملندو.


انھن پنھنجا گناھہ پئي باسيا ۽ ھن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


تنھن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻھن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منھنجو گھر ڀرجي وڃي،


پر انھن کيس پوئتي ڇڪي جھليو تہ ”اسان سان ٽڪي پئو، ڇوتہ سانجھي ٿيڻ واري آھي ۽ ڏينھن لڙي ويو آھي.“ تڏھن ھو انھن سان ٽڪڻ لاءِ گھر اندر ويو.


ھو تو کي اھڙو ڪلام ٻڌائيندو جنھن جي وسيلي تو کي ۽ تنھنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘


تنھن تي ھنن وراڻيس تہ ”خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻ تہ تو کي ۽ تنھنجي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.“


رات جي انھيءَ پھر ۾ جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ اتي ئي ھن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي.


ھو پولس ۽ سيلاس کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ کاڌو ڏنائين. ھو ۽ سندس ڪٽنب خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا تي ايمان آندو ھو.


عبادت⁠خاني جي اڳواڻ ڪرسپس ۽ سندس سڄي ڪٽنب خداوند تي ايمان آندو ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ڪرنٿين پولس جي ڳالھہ ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


پر جڏھن فلپس خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي جي منادي ڪئي تہ انھن مردن ۽ عورتن ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


سو آفيسر گاڏيءَ کي بيھارڻ جو حڪم ڏنو. ھو ۽ فلپس ٻئي ھيٺ پاڻيءَ ۾ لٿا ۽ فلپس کيس بپتسما ڏني.


منھنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مھماندار گيُس بہ اوھان کي سلام ٿو چوي. شھر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو ڀاءُ ڪوارتس بہ اوھان کي سلام چئي رھيا آھن.


آءٌ بي⁠وقوف تہ برابر ٿيو آھيان، پر انھيءَ لاءِ اوھان ئي مون کي مجبور ڪيو آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي منھنجي تعريف ڪرڻ گھربي ھئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪي ڪين آھيان، تڏھن بہ اوھان جي تمام وڏن رسولن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ گھٽ نہ آھيان.


ھر حال ۾ مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، ڇالاءِ⁠جو اسين ھن نتيجي تي پھتا آھيون تہ جڏھن ھڪ شخص سڀني جي لاءِ مئو تہ سڀ مري ويا.


تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.


ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي اِفسس شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن.


تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.


سو جيڪڏھن تون مون کي پنھنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ ھن جو آڌرڀاءُ ائين ڪج جيئن جيڪر منھنجو ڪرين ھا.


مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.


آءٌ اوھان ڏانھن ھي مختصر خط سيلاس جي معرفت لکي رھيو آھيان، جنھن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي ھمتايان ۽ شاھدي بہ ڏيان تہ خدا جو سچو فضل اھو ئي آھي. اوھين انھيءَ تي قائم رھو.


جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ۽ ھيءَ تعليم نہ ڏئي تہ اھڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي کيس سلام ڪريو.


اي پيارا! جيڪي ايمان وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنھنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آھن، تڏھن بہ تون سچائيءَ سان انھن جي خدمت ڪرين ٿو.


تہ پوءِ اسان کي اھڙن ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، تہ جيئن اسين ھن سچائيءَ جي ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ