Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:6 - Common Language New Testament

6 رسول ۽ بزرگ گڏجي ھن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پوءِ رسول ۽ بزرگ انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 تڏهن سنت ۽ منڊليءَ جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن رسول ۽ ڪليسيا جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو جتي بہ ٻہ يا ٽي منھنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انھن سان شامل آھيان.“


سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.


پولس ۽ برنباس سان ھنن سخت بحث مباحثو ڪيو. سو اھو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻھو ھن معاملي بابت يروشلم ڏانھن رسولن ۽ بزرگن وٽ وڃن.


پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي.


تنھنڪري اسان پاڻ ۾ صلاح ڪري مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻھو چونڊي پنھنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوھان ڏانھن موڪليون.


جڏھن ھو يروشلم ۾ پھتا تہ ڪليسيا جي ماڻھن، رسولن ۽ بزرگن سندن استقبال ڪيو ۽ جيڪي خدا ھنن جي وسيلي ڪيو ھو سو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائون.


ھو جن جن شھرن مان لنگھندا ويا، تن ۾ اھي حڪم ٻڌائيندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا ويا، جيڪي يروشلم ۾ رسولن ۽ بزرگن ڏنا ھئا.


ٻئي ڏينھن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ ھليو جتي ڪليسيا جا سڀيئي بزرگ بہ ويٺا ھئا.


تنھنڪري ٻارھن رسولن سڀني شاگردن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيو تہ ”اھو اسان لاءِ چڱو نہ آھي جو کاڌي پيتي جي ڳالھين جي ڪري اسين خدا جي ڪلام جي تبليغ ڇڏي ڏيون.


اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.


اوھين پنھنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوھان کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. انھن جي زندگي گذارڻ ۽ سندن موت تي غور ڪري انھن جھڙو ايمان ڌاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ