Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:5 - Common Language New Testament

5 پر فريسي جن ايمان آندو ھو تن مان ڪي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قومن جو طھر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ ھو موسيٰ جي شريعت تي ھلن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پر فريسين جي فرقي مان جن ايمان آندو هو، تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ضرور آهي تہ هنن جو ختنو ٿئي، ۽ کين حڪم ڏنو وڃي تہ موسيٰ جي شريعت تي هلن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 پر جن فريسين وشواس آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو ختنو ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي نيم تي هلن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پر جن فريسين ايمان آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو طهر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي شريعت تي هلن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“


اسان ٻڌو آھي تہ ڪي ماڻھو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آھي، تن اسان وٽان وڃي اوھان کي ڪي ڳالھيون ٻڌائي تڪليف ڏني آھي ۽ اوھان کي منجھائي وڌو اٿن.


جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”ادا! تو کي خبر آھي تہ يھودين منجھان ھزارين ماڻھن ايمان آندو آھي ۽ اھي سڀيئي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رھيا آھن.


آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ پنھنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت انھيءَ طريقي موجب ڪريان ٿو جنھن کي ھي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن ۾ لکيل سڀني ڳالھين تي ايمان آڻيان ٿو.


ھي ماڻھو ھڪ وڏو خطرناڪ غنڊو نڪتو آھي. دنيا جي سڀني يھودين ۾ ھن فساد مچايو آھي ۽ ناصرين جي ھڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آھي.


پر اسين تنھنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ جنھن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنھن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت ھلي ٿي.“


پوءِ وڏو سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻھو ھئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اھي رسولن خلاف اٿي کڙا ٿيا


جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻ⁠طھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي.


جڏھن پطرس انتاخيا ۾ آيو تہ مون آمھون سامھون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو صفا غلطيءَ تي ھو.


جڏھن مون ڏٺو تہ اھي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راھہ تي نہ ٿا ھلن، تڏھن مون انھن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يھودي آھين تڏھن بہ غير يھودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يھودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يھودين کي زور ٿو ڀرين تہ ھو يھودين وانگر گذارين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ