Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:32 - Common Language New Testament

32 يھوداہ ۽ سيلاس، جيڪي پاڻ نبي ھئا تن گھڻو وقت تقريرون ڪري ڀائرن کي تسلي ڏني ۽ سندن ھمت ٻڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن وشواسين کي همتايو ۽ سندن وشواس مضبوط ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ خدا جو پيغام ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن ايمان وارن کي همتايو ۽ سندن ايمان مضبوط ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:32
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا.


انھيءَ لاءِ خدا جي حڪمت بيان فرمايو آھي تہ ’آءٌ نبين ۽ رسولن کي انھن وٽ موڪليندس، جن مان اھي ڪن کي ماري وجھندا ۽ ڪن کي ستائيندا.‘


برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“


انھن ڏينھن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاخيا ڏانھن آيا.


انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول.


انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“


ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“


پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي.


سو اسين يھوداہ ۽ سيلاس کي ساڻن گڏ موڪليون ٿا. ھو پاڻ اوھان کي اھي ڳالھيون سمجھائيندا، جيڪي اسين لکي رھيا آھيون.


تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي.


جڏھن انھن اھو خط پڙھيو تہ دل کي تسلي ٿين ۽ خوش ٿيا.


پولس شام ۽ ڪلڪيا مان ٿيندو، اتي جي ڪليسيائن کي ھمتائيندو ويو.


ڪجھہ وقت اتي رھڻ کان پوءِ ھو اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو سڀني شاگردن کي ھمتائيندو ويو.


پطرس انھن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي ھن بڇڙي زماني کان بچايو.“


ھو انھن سڀني علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻھن کي نصيحتون ڪندو يونان ڏانھن ھليو ويو.


خدا جيڪو فضل اسان کي ڏنو، تنھن موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آھن. تنھنڪري جيڪڏھن ڪنھن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ملي آھي تہ ھو پنھنجي ايمان جي اندازي موجب خدا جو پيغام ٻڌائي.


جيڪڏھن اھا نعمت نصيحت ڪرڻ جي ھجي تہ ھو نصيحت ڪندو رھي، جيڪڏھن خيرات ڏيڻ جي ھجي تہ سخاوت سان خيرات ڏيندو رھي. جيڪڏھن اھا اڳواڻي ڪرڻ جي ھجي تہ لياقت سان اڳواڻي ڪري يا جيڪڏھن اھا نعمت رحم ڪرڻ جي ھجي تہ خوشيءَ سان رحم ڪري.


خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بي⁠داغ ٺھرايا وڃو.


جيڪي خدا جو پيغام ٻڌائڻ چاھين، تن مان ٻہ يا ٽي ڳالھائين ۽ ٻين کي خيال سان پرکڻ گھرجي.


جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌائي ٿو سو ماڻھن سان سندن سڌاري، نصيحت ۽ دلاسي جون ڳالھيون ٿو ڪري.


خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن جا روح سندن ضابطي ھيٺ آھن.


اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.


ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ جھڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنھنجي ٻار سان ھلندو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ اوھان مان ھر ھڪ سان ھلياسين.


سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي.


مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


جيڪڏھن ڪو نبين وانگر خدا جو پيغام ٻڌائي ٿو تہ ان پيغام کي اجايو نہ سمجھو.


اسين خداوند عيسيٰ مسيح جي اختيار سان اھڙن ماڻھن کي حڪم ٿا ڏيون ۽ نصيحت ٿا ڪريون تہ اھي ماٺ ڪري گذارين ۽ پورھيو ڪري پنھنجي ماني کائين.


تنھنڪري، آءٌ سڀ کان پھريائين ھيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، دعائون، گذارشون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻھن لاءِ ڪيون وڃن.


ڪلام جي تبليغ ڪر ۽ وقت بي⁠وقت انھيءَ جي لاءِ تيار رھہ. پوري صبر ۽ سکيا سان ماڻھن کي سمجھاءِ، ملامت ڪر ۽ کين نصيحت ڪر.


اوھان ۾ جيڪي بزرگ آھن تن کي آءٌ، جيڪو انھن بزرگن مان ھڪڙو مسيح جي ڏکن جو شاھد ۽ سندس جيڪو جلال ظاھر ٿيڻ وارو آھي، تنھن ۾ پڻ شريڪ آھيان ، سو نصيحت ٿو ڪريان تہ


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


آءٌ اوھان ڏانھن ھي مختصر خط سيلاس جي معرفت لکي رھيو آھيان، جنھن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي ھمتايان ۽ شاھدي بہ ڏيان تہ خدا جو سچو فضل اھو ئي آھي. اوھين انھيءَ تي قائم رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ