Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:24 - Common Language New Testament

24 اسان ٻڌو آھي تہ ڪي ماڻھو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آھي، تن اسان وٽان وڃي اوھان کي ڪي ڳالھيون ٻڌائي تڪليف ڏني آھي ۽ اوھان کي منجھائي وڌو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جيئن تہ اسان ٻُڌو آهي تہ ڪي ماڻهو، جن کي اسان ڪو حڪم ڪونہ ڏنو هو، تن اسان وٽان وڃي ڪي ڳالهيون ڪري اوهان کي مُنجهائي ڇڏيو آهي، ۽ اوهان جي دلين ۾ رولو وجهي ڇڏيو اٿن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:24
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“


جا حقيقت ۾ خوشخبري آھي ئي نہ. پر رڳو ڪي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي اوھان کي پريشان ڪرڻ خاطر مسيح جي خوشخبريءَ کي بگاڙڻ ٿا گھرن.


اسان جي خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري مون کي اوھان بابت يقين آھي تہ اوھين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا. پر جيڪو ماڻھو اوھان کي پريشان ٿو ڪري سو ڪير بہ ھوندو تہ سزا پائيندو.


شل جيڪي اوھان کي بي⁠آرام ڪن ٿا، سي پنھنجو پاڻ کي ڪپي نامرد بڻائي ڇڏين تہ چڱو.


اوھين جيڪي شريعت جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ خدا جي فضل کان محروم ٿي ويا آھيو.


اھي ڳالھيون ماڻھن کي ياد ڏيار. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي انھن کي تاڪيد ڪر تہ اھي لفظن بابت تڪرار نہ ڪن. ڇالاءِ⁠جو انھيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناھي، سواءِ انھيءَ جي جو ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.


مسيح جا اِھي دشمن نڪتا تہ اسان منجھان ئي آھن، پر حقيقت ۾ اھي اسان منجھان نہ ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھو اسان منجھان ھجن ھا تہ اسان سان گڏ رھن ھا. ھو اسان کي انھيءَ لاءِ ڇڏي ويا تہ جيئن ظاھر ٿئي تہ انھن مان ڪنھن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ