Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:21 - Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو گھڻي وقت کان وٺي ھر شھر ۾ موسيٰ جي شريعت ٻڌائڻ وارا ھر سبت جي ڏينھن تي اھي ڳالھيون يھودي عبادت⁠خانن ۾ ٻڌائيندا ٿا اچن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو قديم زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي توريت ٻُڌائڻ وارا هلندا ٿا اچن، جي سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخانن ۾ اها پڙهندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي نيم جو پرچار ڪيو ويندو آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي نيم جون اهي ڳالهيون يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي شريعت جي منادي ڪئي ويندي آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي شريعت جون اهي ڳالهيون يهودين جي عبادت‌خانن ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:21
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي ابراھيم وراڻيس تہ ’انھن وٽ موسيٰ ۽ نبي موجود آھن، ڀلي تہ انھن جي ٻڌن.‘


پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادت⁠خاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو.


جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“


پر يروشلم جي رھاڪن ۽ سندن اڳواڻن انھيءَ کي نہ سڃاتو ۽ نڪي ھنن نبين جي ڪلام کي سمجھيو، جيڪو ھر سبت جي ڏينھن تي پڙھيو ويندو آھي. پر اٽلندو عيسيٰ تي فتويٰ جاري ڪري ھنن نبين جي چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ