Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:20 - Common Language New Testament

20 پر انھيءَ جي بجاءِ اسين کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙھيون ويون آھن سي ھو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري گھُٽي ماريل جانور ۽ رت ئي کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بُتن تي چاڙهي ناپاڪ ڪيون اٿن، ۽ زنا، ۽ جن جانورن کي گهوگهو ڏيئي ماريو اٿن، تن سڀني کان، ۽ رت کان پاسو ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:20
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جھڙوڪ: اھو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي، رت ۽ انھيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏھن اوھين انھن ڳالھين کان پاسو ڪندا تہ اھا اوھان لاءِ چڱي ڳالھہ آھي. شال سدائين سلامت رھو.“


پر غير قومن مان جن ايمان آندو آھي، تن کي اسان فيصلو ڪري لکي موڪليو آھي تہ اوھين اھو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي ۽ رت يا ان جانور جو گوشت نہ کائو، جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.“


دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بت⁠پرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.


ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو.


سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري.


اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ بدڪار خدا جي بادشاھت ۾ داخل نہ ٿيندا؟ سو ٺڳجي نہ وڃو، ڇالاءِ⁠جو نہ حرامڪار، نڪي بت⁠پرست، نڪي زناڪار، نڪي بدفعلي ڪرائيندڙ، نڪي لونڊي⁠باز،


پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري گھڻي آھي، سو بلاشڪ ھر ڪنھن مرد کي پنھنجي زال ھجي ۽ ھر ڪنھن زال کي پنھنجو مڙس ھجي.


جيڪو کاڌو بتن جي اڳيان نذر ڪجي ٿو، تنھن بابت اسين سمجھون ٿا تہ ”اسان سڀني کي علم آھي.“ اھو علم تہ انسان کي مغرور ڪري ٿو، پر محبت ترقي عطا ڪري ٿي.


آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏھن آءٌ وري اوھان وٽ اچان تہ متان منھنجو خدا مون کي اوھان جي اڳيان شرمندو ڪري. متان مون کي اھڙن گھڻن ماڻھن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن ھيستائين ناپاڪيءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ انھن کان توبھہ نہ ڪئي اٿن.


ھاڻي انساني فطرت جا ڪم ظاھر آھن، يعني حرامڪاري، ناپاڪي ۽ شھوت⁠پرستي،


پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.


تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوت⁠پرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بت⁠پرستيءَ جي برابر آھي.


سو خدا جي مرضي اھا آھي تہ اوھين پاڪ رھو ۽ زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو.


خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر بي⁠دين نہ ٿئي، جنھن ھڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنھنجي پھريتي ٿيڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.


سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.


ڇالاءِ⁠جو جيترو وقت اوھان غير قومن جي مرضيءَ موجب ھلت ڪئي، يعني شھوت⁠پرستيءَ، برين خواھشن، شراب⁠خوريءَ، نشي⁠بازيءَ، راڳ روپ ۽ ڪراھت جھڙي بت⁠پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آھي.


ھن جي ھٿ ۾ ھڪڙو ننڍڙو کليل ڪتاب ھو. ھن پنھنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو.


پوءِ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻڌو ھو، تنھن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو ملائڪ سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آھي، تنھن جي ھٿ مان اھو کليل ڪتاب وڃي وٺ.“


پر مون کي اوھان جي باري ۾ ڪجھہ ڳالھيون چوڻيون آھن. ڇالاءِ⁠جو اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنھن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي رستي تي ٿاٻڙائڻ جھڙي شيءِ رکي تہ جيئن ھو بتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


پر مون کي اوھان جي باري ۾ ھي چوڻو آھي تہ اھا عورت اِيزبل، جيڪا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنھن کي اوھين برداشت ڪريو ٿا، جيتوڻيڪ اھا منھنجي ٻانھن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراھہ ٿي ڪري.


جيڪي ماڻھو باقي بچيا جن کي انھن آفتن نہ ماريو، تن نہ توبھہ ڪئي ۽ نڪي ھنن پنھنجن بڻايل بتن کي ڇڏيو. اُھي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺھيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيتوڻيڪ اھڙيون شيون نہ ڏسي سگھن ٿيون، نہ ٻڌي سگھن ٿيون ۽ نڪي گھمي ڦري سگھن ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ